
عظيم چيني اڳواڻ مائوزيتنگ جو جنم!
تاريخ ۾ تمام ٿورا ماڻهو هجن ٿا جن کي اڪيلي سر قوم جي تقدير بدلائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، انهن مان چين جو عظيم اڳواڻ مائوتنگ به هڪ هو، جيڪو هڪ غريب هاري جي ٻار مان ڪميونسٽ چين جو هڪ انقلابي، مفڪر ۽ مدبر اڳواڻ ثابت ٿيو. مائوزيتنگ اڄوڪي ڏينهن تي جنم ورتو. مائو جو اثر چين تي 1930ع جي لانگ مارچ کان ويندي 1976ع ۾ سندس وفات تائين رهيو.