
هي اهو ڏينهن هو جڏهن هٿوڙي ۽ ڏاٽي جي نشان واري سوويت يونين جي جهنڊي بدران ڪريملن تي پهريون ڀيرو روس جو ٽه رنگي جهنڊو لهرايو ويو. ان کان اڳ سوويت سربراهه ميخائيل گورباچوف پنهنجي صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي چڪو هو ۽ بورس يلسن نئين آزاد رياست روس جي صدر طور ذميواريون سنڀالي چڪو هو. پوري دنيا جون نظرون ڪميونسٽ ملڪ جي ننڍين رياستن ۾ تبديلي جا نسبتن پرامن منظر ڏسي رهيون هيون.