
ڪراچي (ٽيڪ نيوز) هلندڙ سال سائنٽيفڪ ريسرچ پيپرز جي اشاعت ۾ پاڪستان جي بهترين ڪارڪردگي سامهون آئي آهي. ڪليريويٽ اينالائٽڪس جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2018 دوران 21 سيڪڙو وڌيڪ تحقيقي مقالا شايع ٿيا، جنهن سبب پاڪستان تحقيق ۾ تيز رفتار ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين پوزيشن تي موجود آهي.
تحقيقي مقالن جو رڪارڊ رکندڙ آمريڪي ڪمپني ڪليريويٽ اينالائٽڪس جي رپورٽ موجب سالياني اشاعت ۾ واڌ پاڪستان کي ٽاپ پوزيشن تي کڻي آئي. رپورٽ موجب 2018 ۾ پاڪستان مان شايع ٿيل تحقيقي مقالن جي انگ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو ڪنهن به ملڪ طرفان بهترين ڪارڪردگي آهي. جڏهن ته مصر 15.9 سيڪڙو واڌ سان ٻئين نمبر تي آهي.
سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ تيز رفتار ترقي ڪندڙ 10 ملڪن ۾ چين، ڀارت، برازيل، ميڪسيڪو، ايران، پولينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا به شامل آهن.