
ڪراچي (ٽيڪ نيوز) دنيا جي34 ملڪن ۾ ڪيل سروي موجب عوام پنهنجي مصروفيت جو وڏو حصو آن لائن رهي گذاري ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته کائڻ جيان ٽيڪنالاجي جو حد کان وڌيڪ استعمال نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
”گلوبل ويب انڊيڪس“ طرفان 34 ملڪن جي عوام جي سروي ڪئي وئي. سروي رپورٽ موجب انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهو روزانو 6 کان 9 ڪلاڪ آئن لائن رهن ٿا، ان وقت جو گهڻو حصو سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ گذارين ٿا.
ماهرن جو چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي جو حد کان وڌيڪ استعمال پريشاني، ذهني دٻاءُ ۽ پاڻ کان بيزاري جهڙا احساس پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سبب جو انٽرنيٽ جي گهڻي استعمال جي هاڻي طبي سڃاڻپ ڪئي وڃي ٿي. ماهرن موجب کائڻ پيئڻ جي معمول تي ضابطي سان گڏ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ به احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.