
رياض (ٽيڪ نيوز) سعودي عرب به هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) کي سرڪاري شعبي ۾ استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ پهريون ربوٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
مقرر ڪيل ربوٽن کي ذميواري ڏيڻ سان گڏ کين ملازمت جو ڪارڊ به جاري ڪيو ويو آهي.
ربوٽ کي سرڪاري اداري ۾ ملازم مقرر ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي تعليم کاتي جي سعودي وزير ڊاڪٽر احمد العيسي ۽ ٽيڪنيڪل فائونڊيشن جي گورنر ڊاڪٽر احمد الفهد سميت بورڊ جا ٻيا ميمبر موجود هئا.
عرب ميڊيا موجب سرڪاري ملازم ربوٽ جو نالو ”ٽيڪني” رکيو ويو آهي. ربوٽ اي ميل ذريعي ايجنٽن جون خدمتون ڏيڻ سان گڏ نمائش جي موقعي تي ماڻهن کي نياپا ڏيڻ ۽ فائونڊيشن کي فني ۽ پيشيواراڻن معاملن بابت سرگرمين ۾ مدد ڪندو.
ياد رهي ته اهو ربوٽ صوفيا نالي روبوٽ سوئس ماهرن تيار ڪيو آهي.