
پيسا ڊينا (ٽيڪ نيوز) چنڊ جي سطح کان ناسا طرفان ورتل زمين اڀرڻ جي خوبصورت ۽ اچرج ۾ وجهندڙ تصوير کي 50 سال مڪمل ٿي ويا.
”ارٿ رائز“ نالي تصوير ۾ هيٺ سرمائي سطح چنڊ جي آهي، جڏهن ته ان مٿان پس منظر سامهون حسين نيلو اسان جو سيارو نظر اچي رهيو آهي. اها تصوير سڄي دنيا ۾ زمين جي اهميت ۽ ماحولياتي تحريڪ جو سبب به بڻي.
اها تصوير 1968 ۾ ”اپالو ايٽ مشن“ دوران خلاباز بِل اينڊرسن ڪڍي هئي، جڏهن ته ان تصوير جي سال بعد انسان پهريون ڀيرو چنڊ تي قدم رکيو هو.
اپالو ايٽ جي اها تصوير ڪرسمس کان اڳ ان وقت جي آهي، جڏهن خلائي جهاز چنڊ جي مدار کان هٽي ويو هو ۽ چنڊ جي چوڌاري چڪر ۾ خلاباز بِل اينڊرسن دري مان ٻاهر ڏٺو ته کيس حيرت ڏياريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيو، جنهن بعد هن ان منظر کي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري ورتو.
بِل اينڊرسن 70 ملي ميٽر رنگين تصويرن جي رول سان ٽيلي فوٽو لينس ذريعي اها تصوير ڪڍي هئي.
اپالو ايٽ خلائي ماڊيول کي ”سيٽرن فائيو راڪيٽ“ ذريعي 21 ڊسمبر تي چنڊ طرف اماڻيو ويو هو، جنهن خلاباز کي چنڊ جي سطح تي چڪر لڳائڻو هو. ان تصوير تي پهرين ڌيان نه ڏنو ويو، پر ڪجهه عرصي بعد ناسا جڏهن ان تصوير کي هڪ ٽڪيٽ تي جاري ڪيو ته دنيا ۾ تصوير جي شهرت وڌي وئي، جڏهن ته اپالو ايٽ مشن 27 ڊسمبر تي زمين تي واپس موٽيو هو.