
صدر بند، ريگل چونڪ بند
لساني تنظيم جي اڳواڻ جي گرفتاريءَ کان پوءِ، جھنڊا لک سوا ماڻهن جي هٿن ۾ هيا
نعرا هيانءُ ڦاڙي رهيا هئا
دڪان بند، ريڙها روڊ جي ڪناري سان اينءَ پيا ساه کڻن جينءَ ڪارڊيولاجي ۾ آڪسيجن تي مريض کڻندا آهن
نه گھرجي ، نه گھرجي
ڪرپٽ حڪومت نه گهرجي ،
ادا کي آزاد ڪيو
ڀائوءَ کي آزاد ڪيو
ڀائي کي آزاد ڪريو
جلوس وڏي شرورش ۾ هيو
سرڪاري ۽ نجي گاڏيون رشتن وانگر سڙي رهيون هيون
مون به هڪ تيز نعرو دل ۾ هنيو
ڪتي کي آزاد ڪيو !!!