
اڄ به سج لٿي کان ڪجهه دير اڳ چوڪ تي بيٺل سپاھي گاڏي پاسي تي بيھاري ڪاڪي اربو جي دڪان تي آيو.ڪاڪي به بنا ڪجھ چوڻ آکڻ جي ڪلو کن گوشت ٿيلھي ۾ وجھي کيس ڏنو ۽ سپاھي اھا ٿيلھي اشھد آڱر ۾ ڦاسائي بنا پئسن ڏيڻ جي لڏندو لمڪندو وڃي گاڏي چڙهيو ۽ ڌوڪيندو روانو ٿيو. کيس دڪان تي ڪم ڪندي اڄ پندرهون ڏينهن ھو ۽ ھو اهو تماشو روز پيو ڏسندو ھو, دل ئي دل ۾ پيو ٻڙڪندو ھو پر دڪان ته ٿيو ڪاڪي اربو جو سو جي ڪاڪو پاڻ پئسا نه پيو وٺي ته ھن جو ڇا.دڪان تي ڪم ڪندي اڄ ھي پندرهون ڏينهن ھوس ۽ ڏينهن پھرئين کان ھن اھا ڪار ٿيندي پئي ڏٺي.چاھيائين ته ڪاڪي کان پڇي پر وري ماٺ ۾ ئي عافيت محسوس ڪيائين. چاچا جي دڪان تي ڪم ڪرڻ کان اڳ ھو اسڪول ويندو ھو پر مسلسل اسڪول مان شڪايتن ۽ گھٽ مارڪن تي پڻس ڪاوڙجي کيس ڪاڪي اربو جي مرغي فارم تي اھو چئي ويھاري ڇڏيو ته ڪجھ ڪم مان سمجهي وٺي ته کيس به اھڙو ئي دڪان کولي ڏئي ڇڏيندو باقي پڙھائي اڄ کان چئي بند ته پڙهي ڪهڙا پٽڪا پارائيا اٿس. ھي دڪان تي اسڪول کان وڌيڪ خوش ھو، اسڪول ۾ استاد جي مار کان ڪڪڙ وڍڻ ۽ ڪٽڻ وري به سولو ڪم ھو. اسڪول ۾ ھوندو ھو ته کيس لڳندو ھو ته ڏاڍو بس استاد ئي آھي پر ھتي دڪان تي ويھي خبر پيس ته سپاھي استاد کان به ڏاڍو. استاد کان ته بس ٻار ڊڄن پر سپاهي کان ته ھيڏو سارو وڏو ڪاڪو اربو به ڊڄي ٿو نه ته اھو ئي ڪاڪو اربو گراھڪ کي روپيو به نه بخشي پاڻان تور ۾ ٻه ٻوٽيون گھٽ ڪريو ڏي ( چي ڪاروبار ۾ ترقي لاء اھو سڀ ضروري آھي ) پر اھو ساڳيو ڪاڪو اربو ھڪ اکر ڪڇڻ بنا سپاهي کي روز جو روز ڪلو گوشت ڏيو ڇڏي ڳالھ ھن جي ننڍي مٿي ۾ نه پئي ماپي، تڏهن ته اڄ سپاهي جي وئي کانپوء ھن به وڃي ڪاڪي جي ڀر ورتي. ڪاڪو ڪي پل اڻ تڻ ۾ کيس تڪيندو رھيو شايد سوچ ۾ ھو ته ھن ننڍڙي ۽ ڪچي ذھن سان ڪاروبار جا راز سلجن ڪي نه سلجن.کيس سڀ داء پيچ ڏجن ڪي نه ڏجن .ڪجھ دير خاموشي کانپوء سڀاڻي کيس اسُر ويل دڪان تي اچڻ جو چئي ڪاڪو اربو وري ڪرت سان لڳي ويو. ٻئي ڏينهن سويري اڃان جڏهن مال لاھڻ واري گاڏي مس پڳي جو ھي به وڃي دڪان تي پڳو. ڪاڪو ته ان کان به اڳ دڪان کوليو ويٺو ھو. ٿوري دير ۾ ڪڪڙين واري ڊاٽسن به اچي دڪان اڳيان بيٺي. ڊرائيور 5 , 5 جي کوکن جي حساب سان ويھارو کن کوکا کيس لاھي ڏنا جيڪي ڪاڪي ان ئي مھل پڃرن ۾ واڙي ڇڏيا. ان ڪم مان واندو ٿي ڪاڪو ۽ ڊرائيور ڪي پل ڊاٽسن جي ڀر ۾ بيٺا رھيا ۽ ھيڏي ھوڏي نھاريندا رھيا. ھيڏي ھوڏي نھاري پڪ ڪري ڊرائيور ھڪ ڪٽو کڻي تڪڙو تڪڙو ان ۾ اٺ ڏھ مرغيون وجهي, دڪان جي پرين ڪنڊ تي رکي پاڻ ڊاٽسن ڪاھي ٿيو روانو. چاچو به پويان پويان تڪڙو ڪٽي جي ڀر ۾ ٿي بيٺو ۽ ھڪ ھڪ مئل ڪڪڙ جي کل لاھيندو ويو ۽ ٿوري دير ۾ ئي سڀني مرغين جون کلون لاھي گوشت کي تختي تي رکي ھاڻي آرام آرام سان ڪٽيندو ويو ۽ ڪٽيل گوشت ان کوکي ۾ وجھندو ويو جنھن مان گوشت ڪڍي ڪاڪو اربو ان سپاهي ۽ ٻين مفت خورن کي ڏيندو ھو.