
اهو پهرين ڊسمبر 1959ع جو ڏينهن هو جڏهن امريڪا ۽ سوويت يونين سميت دنيا جي 12 ملڪن اينٽارڪٽيڪا کنڊ ۾ هر قسم جي فوجي سرگرمي تي پابندي واري اينٽارڪٽيڪا معاهدي تي صحيحون ڪيون. سرد جنگ واري دور ۾ هٿيارن جي ڊوڙ تي پابندي وارو اهو پهريون معاهدو هو. 1800ع کان وٺي برطانيه، ناروي، آسٽريليا ۽ چلي سميت ڪيترائي ملڪ اينٽارڪٽيڪا جي مختلف حصن تي مالڪي جي دعويٰ ڪندا رهيا هئا. انهن دعويدار ملڪن ۾ نه رڳو سفارتي ڇڪتاڻ پر جنگي جهڙپون پڻ ٿينديون رهنديون هيون. 1948ع ۾ ارجنٽائن جي فوجن برطانوي فوجن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ سوويت يونين کي هن خطي سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هن امريڪا کي مجبور ڪري اينٽارڪٽيڪا کي فوجي سرگرمين لاءِ ممنوع علائقو قرار ڏيڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪرايون.