
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ جتي ماڻهن ۾ رابطن جو سبب بڻيل آهي، اُتي فيس بڪ انتظاميا جي غلطين جو نتيجو به صارفين کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. فيس بڪ انتظاميا مسينجر ۾ پراڻا پيغام ٻيهر اماڻڻ جي شڪايت جي تصديق ڪئي آهي. اڪثر فيس بڪ صارفين ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي ظاهر ٿيل پراڻا ميسج نه پڙهيل ظاهر ٿيڻ بابت شڪايت ڪئي ۽ ان کي صارفين جي سڪيورٽي لاءِ خطرو به قرار ڏنو.خانگي اداري جي رپورٽ موجب، فيس بڪ جي ترجمان ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن کي فيس بڪ تي پراڻا نياپا ٻيهر مليا آهن، اسان ان مسئلي کان آگاهه آهيون، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. فيس بڪ انتظاميا ميسنجر تي غلطي جو اعتراف ڪندي لکين صارفين کان معافي به گهري آهي. سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته پيغام ٻيهر ملڻ مان ثابت ٿي ويو ته فيس بڪ ڪيترائي سال اڳ ڪيل ذاتي نوعيت جي ڳالهه ٻولهه محفوظ رکي هئي. فيس بڪ مسينجر ۾هيءَ نئون مسئلو انهن ماڻهن لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ ناهي، جن جي ڪٽنب جو ڪو فرد يا دوست لاڏاڻو ڪري چڪو هجي ۽ ان جا پراڻا ميسجز ٻيهر ملي رهيا هجن. ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو فيس بڪ حادثاتي طور تي صارفين آڏو سندن ماضي آندو هجي، ان کان اڳ 2015 ۾ فيس بڪ آن دز ڊي نالي فيچر ذريعي ماڻهن جي پراڻين ڏکيوئيندڙ گهڙين کي وري سامهون آندو هو.