
(رپورٽ: گلشن لغاري) سنڌ ۾ اهڙن فردن جي کوٽ ناهي، جيڪي انسان ذات سان ٿيندڙ ڏاڍ تي نه فقط لڇن ٿا پر ڪڇن به ٿا. انساني اڻبرابري تي سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ سنڌجي سورمين مان هڪ فاخره ابڙو به آهي. فاخره جي جنم ڀومي سنڌ جو هڪ ننڍڙو تاريخي شهر نصرپور آهي، جيڪو سدائين سنڌ جي علم، ثقافت ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. ان علمي ادبي ۽ ثقافتي ماحول جو اثر فاخره جي شخصيت مان جهلڪندو آهي. نصرپور شهر جا پيڙا پنهنجي منفرد ذائقي سبب مشهور آهن ۽ انهن پيڙن جهڙي مٺڙي ۽ ملوڪ فاخره ابڙوجيتوڻيڪ پرائمري تعليم نصرپور شهر مان ۽ انٽر ٽنڊي الهيار مان ڪئي پر يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻ لاءِ کيس به سنڌ جي اڪثر نينگرين وانگي مخالفتن کي منهن ڏيڻو پيو. فاخره پنهنجي مذهبي روايتي خاندان جي اها پهرين ڇوڪري آهي، جنهن پنهنجي ايندڙ نسلن جي نياڻين جي تعليم جي راهه جي پٿرن کي هٽايو. اڄ سندس خاندان جون سڀ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ته ان جو سهرو فاخره جي سر تي آهي. ان سموري جاکوڙ ۾ فاخره جي ماءُ ساڻس گڏ بيٺل رهي، هن انقلابي عورت جي خواهش ۽ ڪوششن سبب فاخره سنڌ يونيورسٽي مان انگلش ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جلد ئي کيس نصرپور جي سنڌ ڪو ايجوڪيشن ڪاليج ۾ ليڪچرار جي نوڪري ملي وئي . پر هڪ سال اندر ئي کيس اتان جي روايتي ماحول ۾ گهٽ ٻوسٽ جو احساس ٿيو. ان ريت هن جي آزاد روح کانئس اها نوڪري ڇڏرائي ۽ هن ڪجهه نئون ڪرڻ جو سوچيو. پوءِ فاخره سوشل ڊيولپمينٽ سيڪٽر جوائن ڪيو . ڊيولپمينٽ سيڪٽر ۾ هن شروعات ريسرچ ورڪ کان ڪئي، جنهن ۾ هن ڳوٺن ۾ وڃي ٻنين ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن ۽ ٻارڙن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن جي هٿن تي لڳل زخم پنهنجي روح تي محسوس ڪيا. ان بعد فاخره جو ڪم ڪرڻ جو جّذبو مضبوط ٿيو. هن ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو جوائن ڪيو .
سنڌ ۾ مها ٻوڏ دوران هن آئي ڊي پيز جي ڪئمپن ۾ رهي ٻارڙن جي جانفشاني سان سار سنڀال جو فرض سرانجام ڏنو . هوءَ چهن سالن کان هڪ اهڙي اداري سان واڳيل آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪري ٿو .هوءَ هڪ حساس ڇوڪري آهي جيڪا پنهنجي نوڪري جي ڪم دوران هر ممڪن طرح انسان جي خدمت کي عبادت جيان انجام ڏئي ٿي .هن سموري سنڌ ۾ لاڙ ، ٿر ۽ اتر سميت ماڻهن ۾ سجاڳي پکيڙڻ جو ڪم انجام ڏنو آهي. ان سان هن ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٽريننگس ورتيون آهن ۽ اتي سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي . هن پوري پاڪستان ۾ ٿر جي ڀٽن کان ويندي ايبٽ آباد ۽ آزاد ڪشمير جي پهاڙي علائقن ۾ وڃي ماڻهن کي سندن حقن جو شعور ڏنو آهي. هوءَ چوي ٿي ته اسان خوشنصيب ماڻهو آهيون جن کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت جي اجرت ملي ٿي ۽ سڪون به ملي ٿو نه ته تاريخ ۾ ماڻهو اهڙا ڪم پنهنجي هڙان وڙان ڪندا رهيا آهن . هوءَ سٺي ليکڪه به آهي ، هن جا ليک ۽ شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي . هوءَ هڪ خوبصورت ڪمپيئر پڻ آهي. سندس خوبصورت آواز ۽ خوبصورت شخصيت کان ماڻهو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن . هن جو رشتن جي باري ۾ خيال آهي ته رشتو چاهي ڪهڙو به هجي اهو ڪس کائڻ کان سواءِ مضبوط ٿي نٿو سگهي. زندگي جي باري ۾ چوي ٿي ته زندگي ايئن گذارجي جو سڀني کي راحت ملي . هوءَ عورت جي حيثيت ۾ ڪا به رعايت وٺڻ پسند نٿي ڪري . هوءَ چوي ٿي ته عورت کي پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ گهرجي نه وري ٻين جي آڌار تي اڳتي وڌجي. سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي چاهي اهو پاڻي جو مسئلو هجي، تعليم يا وري ٻارن ۽ عورتن سان ڏاڍاين ۽ اقليتن جا مسئلا هجن، هو انهن جي درد کي محسوس ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته انهن مسئلن جو حل نه رڳو سٺي حڪمراني ۾ آهي پر ان سان گڏ سٺي تعليم ۽ تربيت ۾ به آهي . ان لاءِ هر فرد کي هر سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي . هوءَ سنجيده سوچ رکي ٿي ۽ معاشري ۾ عدم برداشت ، مفاد پرستي، خودغرضي، حق تلفي، زيادتي ۽ اڻبرابري کي شدت سان محسوس ڪري ٿي ۽ سندس خواهش آهي ته انهن مسئلن تي سنجيدگي سان سوچيو وڃي. جيتوڻيڪ هوءِ انگريزي ادب جي شاگردياڻي آهي، پر کيس سنڌي ٻولي ، شاعري ۽ ادب سان پيار آهي ۽ شاه عبداللطيف، شيخ اياز ، استاد بخاري، اياز گل ۽ ادل سومرو کي پڙهڻ کيس پنهنجي ماءُ وٽان ورثي ۾ مليل آهي .فاخره جي ماءُ شاه لطيف جي بيتن جون هي سٽون سندس تربيت ۾ رکيون، جن تي هوءَ ايمان رکي ٿي .
هلندي هوت پنهونءَ ڏي پيرن پنڌ ڪندياس،
پيرن پنڌ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسڪندياس،
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سُرندياس ،
سيني سُرڻ ڇڏيو ته هٿن ڀر هلندياس،
هٿن هلڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس،
اکين اچڻ ڇڏيو ته روحاني رڙهندياس،
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي چوٽي تي چڙهندياس،
مرون ٿي مرن سان جبل جهاڳيندياس،
جي مليا ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان! (شاهه سائين)
سچ، سونهن ۽ سرت رکندڙ هي سندر سنڌي ناري پنهنجي شرارت ڀريل نيڻن ۽ موهيندڙ مرڪ سان پنهنجي چونڊيل رستن تي وڏي همت ۽ حوصلي سان گامزن آه . هوءَ بيخوف ۽ بهادر آهي ۽ کيس پنهنجي جدوجهد ۽ صلاحيتن تي اعتماد آهي . سندس منزل صرف ذاتي خوشيون ماڻڻ نه پر محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي لاءِ برابري وارا حق ۽ انصاف جي منزل آهي، جيڪو سندس خواب آهي. هن جو پيغام آهي ته ..
Don’t give up till last breathe, fight against evil that lies inside of you and the evil that surrounds you.
(ترجمو)پنهنجي آخري ساهه تائين هار نه مڃيو، وڙهو ان برائي سان جيڪا اوهان جي اندر آهي ۽ ان سان به جيڪا اوهان جي چوڌاري آهي