fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪهاڻي …………… تڏو 

 ”هئي ڙي امڙ! ماڻهو نه هو موتي داڻو هو. وڏن جي وڏي ڳالھه آ. ادي !انبن جون سڪون انبڙيون  نه لاهينديون.“ ماسي خاطوءَ ڳوڙها  اگهندي چيو.

امان ايمڻا به وڏو شوڪارو ڀريو.

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

ڀائو دادن ڇا ملڻ آيو ڄڻ سڀني جي اکين جا بند ڀڄي پيا. امان وڏي، ڀيڻ خدي ۽ ڀاڄايون پار ڪڍي روئڻ لڳيون. بابا ڀوري جي اوچتي وڇوڙي سڄي ويڙهي کي ڏکارو ڪري ڇڏيو هو. بابا ڀوري کان  ڀلي کڻي سڄو ڳوٺ پيو ڪنبندو هو پر هن جي سيني ۾ جيڪا دل ڌڙڪندي هئي تنهن ۾ سڀني لاءِ پيار ۽ پنهنجائپ جا ڪي انبار هئا جن جو ڪاٿو ڪير نه ٿي ڪري سگھيو. آئي وئي جو آڌرڀاء ڪرڻ، اوڙي پاڙي کي ڏکي سکي ويل ڪم اچڻ، پنهنجن پراون سان پير کڻڻ، ننڍي وڏي جي سار لهڻ، گھر ڇا پر ڳوٺ جو وڏو ٿي ويهڻ ، کٽي ٽٽي توکي مونکي ڪم اچڻ، جهيڙن جا فيصلا نبيرڻ، دشمن جي اک جو ڪنڊو بڻجي ڳوٺ جي سنڀار ڪرڻ اهي سڀ وڙ بابا ڀوري  جا هئا. انبن ۽ کجين جا باغ هجن  يا ڪچي جي زمين، ننڍن کي ڪو پتو ئي نه هو ته ڪيئن پئي جهان هليو.

اڄ سندس ٽيجهو هو. گھر جي اندر زائفائن ته ٻاهر اوطاق تي مردن جا ميڙا متل هئا. هر ڪنهن جي وات تي بابا ڀوري جي ڳالھه هئي.

” اڙي ساجي ٻڌ ته. اها جيڪا اڇن لٽن سان ويٺي آ اها ڪير آ ماتو“، باجي حسيني، ساجده کي ٺونٺ هڻندي چيو.

”باجي اها ڀائو احمد جيڪا شهر مان پرڻيو آ اها آهي“، ساجده صلوات جون پٿريون پڙهندي وچان وراڻيو.

” هان مان به چوان شهر جي ٿي لڳي. رنگ ڳورو ٿو ڏسجيس. ٻڌ پڙهيل آني، نوڪري به ڪندي هوندي؟“ حسيني يڪ ساهي ۾ هڙئي سوال ڦهڪائي ڪڍيا.

” ها باجي ڀائو پاڻ جو پڙهيل آ ته پڙهيل ئي پرڻبو نه. باقي ڳوٺ وارا نه ڌيئر پڙهائين نه ڇا باقي ڇڙو ڳالهيون وڏيون!“ ساجده ڄڻ پنهنجي ڀاء احمد جي وڪيل بڻجي ڳالهھ ڪئي.

” ها ادي سچ ٿي چئين. اڄڪلهھ جا ڇوڪرا پڙهن ٿا، ڀليون نوڪريون ملن ٿيون ته پنهنجون اڀريون سڀريون انهن کي ڪٿان وڻنديون؟ چوندا پڙهيلان به هجن ته نوڪريون به ڪن. اڳي رنن جي ڪمائي کائڻ عيب هو هاڻي ته ڄڻ چونڊ ڪري ٿا کڻن.بس امڙ پڇاڙي آ!“ حسيني سان گڏ باجي حنيفي به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

” پر باجي اڳتي وڌڻ لئي ته پنهنجي پراڻين سوچن کي مٽائڻو ئي پوندو نه. ڪيسيتائين ڀلا نياڻين کي ڪوٽن ۾ واڙي رکي سگھجي ٿو. دنيا الائي ته ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتي آهي. هاڻي ته زائفائون جهاز پيون اڏائين ۽ سانسدان بڻجي چنڊ تي وڃي پهتيون آهن. اسان آهيون ته اڃا ڄڻ غارن جي دور ۾ رهيا پيا آهيون“ انيلي به ساجده جي ڳالهھ کي ڪجھ سر وٺرايو.

” هڪڙو ڪمائڻ وارو ڏھ کائڻ وارا، پاڻ وٽ ته اهو ئي ڪم آهي نه باجي. زائفائون آهن ته ڇڙو اٿن لٽي جي ڳڻتي ۽ ٻارن ڄڻڻ تي زور.ڇڙي اٿن زبان جيڪا ڀلي وهٽ جيان سدائين چوتال. نه اٿن ٻارن جي پڙهائي جو خيال ۽ نه سندن کاڌي پيتي ۽ صحت جو. ڄڻينديون ڦٽي ڪنديون اينديون. پاڻهي پيا پلندا. اها ڀلا جهالت نه آهي ته ڇا آهي؟ جيڪا عورت پڙهيل هوندي سا بري ڀلي ۾ تميز به ڪري سگھندي، سوچي سمجهي زندگي جا فيصلا ڪندي،مڙس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر بار ونڊيندي، ٻئي گڏجي ڪمائيندا ته گھر به سکيو ستابو ٿيندو۽ ملڪ به ترقي ڪندو. چون ٿا ته دنيا جي اڌ آبادي عورتون آهن انڪري انهن کي ملڪي ترقي ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪرڻو آهي جهڙو مرد ڪن ٿا. زال مڙس پڙهيل هوندا ته گڏجي رٿا بندي ڪندا ته  ٻار ڪڏهن ۽ ڪيترا ڄڻڻا آهن جيئن انهن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏيئي سگھن. اهڙا ٻار پوءِ ملڪ ۽ قوم تي بار نه پر انجو سرمايو ثابت ٿيندا آهن ۽ جتي ماءُ ئي اٽي تي چٽي هوندي ته ٻار ڪهڙو اوجر ڪندا؟“ ساجده ڄڻ اڄ پڪو پھ ڪيو هو ته ڳالهھ يا هيڏانهن ڪندي يا هوڏانهن.

” ها جهڙيون مائرون سدوريون تهڙا وري اسانجا ٻار نٺر ۽ ندورا“، انيلي کلندي ڳالهھ کي ڳنڍيو.

” ها امڙ اوهان جو ٿيون  پڙهيلون ته اڄ جائي ڀي اسان کي ڏس ڏينديون. بس امڙ اهو جو ڏکڻ گھليو آ سو ڏکيو آ“ حنيفي به پنهنجي دل جي ڳالھ ڪئي.

حسيني به ڦڪي مرڪ مرڪي چيو ” ها امڙ جائي ڀي چوي ته سچ ٿي ني. اسان جو ٿياسين جاهيليون. بابا ڀورو به چوندو هيو نه ته اسان جون رنان آهن چونڪ چنڊيون! ڇڙو ڳالهين جون ڳھير ۽ ڪچھري جون ڪوڏيون.نه اٿن لٿي اٿري ۾ ڄاڻ، نه اٿن پنهنجي پرائي جي سمجھه. سٺي ڳالھه آ ته هي ڪجھ سمجهائين ته من اسانکي به ديماڳ ۾ ڪجھ ويهي. ڪالهھ بابا ڪالو وارو ڇورو به جباب ڏيئي ويو اٿن ته مان ماروٽ سان نه پرڻندم، مانکي شهر مان پڙهيل وٺي ڏيو. امڙ هاڻي ڳوٺ وارا به سوچين ۽ نياڻين کي پڙهائين ته چـڱو اٿن،“ حسيني ڄڻ ڳالهھ کٽائي.

” ها ته پو ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالھه آ. سٺو آ ته ويڙهي ۾ جو ڇوڪريون پڙهنديون ته ڳوٺ ئي سڌري پوندو. هڪڙي ڊاڪٽرياڻي جي ڪڍ ڪيڏو ٿا خوار ٿيون. چڱو ناهي ته پنهنجي ويڙهي  ۾ پنهنجون ئي ڊاڪٽرياڻيون هجن ته آئي ويل ڪم اچن“، انيلي به ڳالھ کي ڳنڍيو.

” ها ها پڙهيليون هونديون ته مڙس به پڙهيل ڳڙهيل ملندن جي نه ته پيون پيئرن ۽ ڀائرن ڏي واجهائينديون“، باجي حسيني چيو.

” بس پو ڀاڄائين جي اک جو ڪنڊو هونديون ٻيو ڇا امڙ“ باجي حنيفي ٿڌو شوڪارو ڀريو، ڄڻ سندس اکين اڳيان ڪيئي داستان گھمي ويا.

” هن هُن آڏو هٿ ٽنگڻ کان ته پنهنجو ٽڪو به چـڱو ني، ڀلي کڻي سڳو ڀاءُ ڇو نه هجي“، باجي حنيفي اکين جون ڪنڊون اگھندي چيو.

عجيبي رڙ ڪري چيو ته ” مايون ڪچهري کٽي اٿو يا نه. سج اچي لٿو آهي. صلاتن جو لک پڙهي پورو ڪرڻو آهي، گھمائي وٺو“. سڀني کڻي ماٺ ڪئي ۽ تڪڙيون تڪڙيون صلاتون پڙهڻ شروع ڪيون.

 

 

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of