مشهور امريڪي ليکڪ آرٿر مِلر چيو هو ته، ”هڪ سٺي اخبار، هڪ قوم هوندي آهي جيڪا پاڻ سان ڳالهائيندي آهي!“ هونئن به صحافت ڪڏهن به خاموش يا گونگي ناهي هوندي، ان جي سڀ کان وڏي خوبي اها هوندي آهي ته فضا ۾ ڀلي خوف جا بادل هجن، خوشي جا ترانا يا اداسين جا گونجندڙ پڙاڏا پر صحافت ڳالهائيندي آهي ۽ ترت ڳالهائيندي آهي. اڄوڪي 21هين صديءَ جي تيز رفتار ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ جتي هڪ پاسي زندگي گذارڻ جا انداز بدليا آهن ته ٻئي پاسي سوچ، فڪر ۽ اظهار کي به نوان رخ ۽ روپ مليا آهن. اسين جنهن ڊجيٽل ايج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون تنهن ڪيترائي پراڻا ٽرينڊ بدلائي نوان لاڙا ۽ رجحان متعارف ڪرايا آهن، دنيا جا اڪثر ملڪ صحافت جي آن لائين اثر ۽ ان جي اهميت کان پاڻ کي الڳ ڪري نه سگهيا آهن. ظاهر آهي ته سنڌ به هن گلوبل وليج جو حصو آهي، تنهنڪري سنڌي صحافت جي حوالي سان اهو بنهه ضروري هو ته هڪ اهڙي اخبار ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ آندي وڃي جيڪا موجوده ٽيڪنالاجي واري دؤر سان هم آهنگ هجڻ سان گڏ پڙهندڙن کي بر وقت ۽ هر وقت انهي ڄاڻ تائين رسائي فراهم ڪري سگهي جيڪا هو چاهين ٿا.
هاڻ روايتي ميڊيا جي جاءِ تي جديد ڊجيٽل طريقن سان خبرن جي فراهمي کي ايترو آسان، خوشنما ۽ سستو بڻايو ويو آهي جو هاڻ ماڻهو خبرن جي ڳولا ۾ نه پر خبرون ماڻهن جي آن لائين ٿيڻ جي انتظار ۾ هجن ٿيون. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ۾ ڪرنٽ افيئرس کان ويندي انٽرٽينمينٽ تائين ويب سائيٽس ته ڪيتريون ئي موجود آهن ۽ اظهار جي آزادي لاءِ سوشل ميڊيا جا فورمس به موجود آهن پر ان هوندي به ”فيڪ نيوز“ جو هڪ طوفان آهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي خبر جي ساک تي سواليه نشان آيل آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪو اهڙو فورم نه هو جيڪو ذميوار آن لائن صحافت جو بنياد ثابت ٿئي. ”پنهنجي اخبار“پڙهندڙن کي ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان خبرن جي هڪ اڻ ڏٺل جهان ۾ وٺي وڃڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي ذميوار صحافت جي اها کوٽ پوري ڪندي ساک، سچائي ۽ اورچائي سان سنڌي صحافت جي هڪ نئين تاريخ لکڻ وڃي رهي آهي. هي هڪ اهڙي اخبار آهي جنهن جا بنياد ڪنهن مصلحت، خوف يا رعايت تي نه پر نج صحافتي اصولن تي رکيل آهن.
هي نئون دور، نئون زمانو آهي، هي ماضي ۾ قيد ٿي رهڻ نه پر مستقبل جا نوان گس دريافت ڪرڻ جي جستجو جو وقت آهي، هونئن به مستقبل کي ماضيءَ جي ڪنٽينر ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي اخبار هڪ ذميوار، ساکائتي ۽ حقيقت جي سمورن پهلوئن سان گڏ هڪ اهڙي ايجنڊا جو عزم رکي ٿي جيڪا عوام جي ايجنڊا هوندي، هڪ اهڙي اخبار جيڪا قوم جو قوم سان مڪالمو هوندي. اسين سمجهون ٿا ته صحافت کي سائنس وانگر هجڻ گهرجي، جيترو ممڪن هجي حقيقتن کي مختلف رخن کان جاچڻ گهرجي، هي ڪو وقتي اڀار نه پر هڪ اهڙي مستقل ذميواري آهي جنهن لاءِ ساکائتي صحافت جو جديد بنياد بي حد ضروري آهي. اڄ جڏهن ڏکين سوالن جي عزت تي ڏکيو وقت آيل آهي، جڏهن حقيقتن کي پوري ايمانداري سان بيان ڪرڻ مشڪل بڻجندو پيو وڃي، تڏهن ان ماحول ۾ قوم جو پاڻ سان هي مڪالمو ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي ۽ ”پنهنجي اخبار“ جي سموري ٽيم انهي چيلينج کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، انهي خواهش سان گڏ ته سنڌ واسي پنهنجي ڀرپور موٽ سان هن خواب کي ساڀيان بڻائڻ ۾ سهڪار ڪندا.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار