
پپٽسبرگ (ٽيڪ نيوز) اُبر ڪمپني خوفناڪ حادثي جي 9 مهينن بعد ڊرائيور بنا هلندڙ ڪارون ٻيهر هلائڻ جو تجربو ڪيو. ڪمپني جي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 9 مهينن کان اسان سمورا حفاظتي اپاءَ ورتا آهن، تازو پينسلوانيه جي ٽرانسپورٽيشن کاتي جي اجازت بعد پٽسبرگ جي شهر تي گاڏيون هلائڻ جو تجربو ڪيو ويو. پٽسبرگ پهريون شهر آهي جتي اُبر جون پاڻمرادو هلندڙ ڪارون هلايون ويون ۽ اهو شهر ڪمپني جو هيڊڪوارٽر آهي.
بيان موجب مارچ مهيني ۾ پاڻمرادو هلندڙ ڪارن جي حادثي بعد ڪارن جي سسٽم تي هر حوالي سان جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ گهڻو وقت لڳي ويو. سمورا انتظام مڪمل ٿيڻ بعد هاڻي گاڏيون هلائڻ لاءِ تيار آهيون. هاڻي اُبر ٽورنٽو ۽ سان فرانسيسڪو شهرن ۾ به ٻيهر اهي ڪارون هلائيندي. ڪمپني موجب هاڻي ڪارون مڪمل طور خودمختيار نه هلنديون، پر انساني ڊرائيور انهن ڪارن تي ضابطو جاري رکڻ لاءِ ڪم ڪندا.
واضع رهي ته 9 مهينا اڳ ايريزونا جي علائقي ٽيمپي ۾ اُبر جي پاڻمرادو هلندڙ ڪار جو خوفناڪ حادثو پيش آيو هو، حادثي جي وڊيو فٽيج ۾ ڏٺو ويو ته گاڏي پيادل همراهه سان ٽڪرائجي ٿي، جنهن ۾ همراهه فوت ٿي وڃي ٿو. جاري ڪيل ڄاڻ موجب حادثي جو سبب اهو هو ته بريڪ لڳائڻ جو پاڻمرادو ايمرجنسي سسٽم فيل ٿي ويو هو.