
بيت المقدس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) واٽس ايپ مٿان چائلڊ پورنوگرافي پکيڙڻ کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمن پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ گروپس ڳولڻ بنهه سولو آهي، جن ۾ جنسي تشدد ۽ بدفعلي جو نشانو بڻايل ٻارڙن جا وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون وڃن ٿيون. ان مسئلي جي حل لاءِ ماهرن فيس بوڪ سان رابطو ڪيو، پر فنانشل ٽائمز سميت ٻين خابرو ادارن انڪشاف ڪيو ته اڃا تائين ڪيترائي اهڙي قسم جا واٽس گروپ متحرڪ آهن. چائلڊ پورنو گرافي جي هڪ گروپ ۾ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جا 256 ميمبر آهن. جنهن بعد واٽس ايپ انهن گروپن ۾ شامل اڪائونٽس کي بلاڪ به ڪيو هو. ٻئي پاسي واٽس ايپ ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ هو ته ٻارڙن جي بدفعلي تي ڪمپني زيرو ٽالرنس واري پاليسي رکي ٿي، اسان اعتراض جوڳي مواد جي پروفائيل اڪائونٽن ۽ تصويرن کي اسڪين ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي قسم جو مواد پکيڙيندڙ شڪي اڪائونٽن کي پڻ بلاڪ ڪيو ويو آهي.