
سماجي ويب سائيٽون هونئن ته سماجي رابطن ۽ ڄاڻ لاءِ هئڻ گهرجن ، پر اسان وٽ سنڌي مردن جو وڏو انگ هنن سماجي رابطن وارين ويب سائٽن کي پنهنجي ٺرڪ پوري ڪرڻ ۽ عورتن کي ڦاسائڻ واري هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، تازو تنوير آريجو جو واقعو اسان جي سامهون آهي، هيءُ هڪڙي تنوير آريجو انهيءَ عذاب تان پردو کنيو آهي پر ڏٺو وڃي ته هر عورت جيڪا فيس بوڪ استعمال ڪري ٿي، اها ان حراسمينٽ جوشڪار ٿئي ٿي. اِن باڪس ميسجز جي ڀرمار ٿئي ٿي، ميسجز ۾ اڪثر ماڻهو خراب وڊيوز به موڪلين ٿا. اڳ بس اسٽاپن ، مارڪيٽن ۾ تنگ ڪرڻ وارا ٿورا هوندا هئا. پر هاڻي فيس بڪ تي هر عورت سوين مردن هٿان حراسمينٽ جو شڪار ٿئي ٿي. اسان عورتن جي فيس بڪ جي لسٽ ۾ جيترا مرد ايڊ هوندا آهن انهن مان اڌ جيترا ميسجز تي بلاڪ هوندا آهن، تمام وڏا وڏا نالا، اديب، شاعر، صحافي،فنڪار جن کي اسان پبلڪ فگر سمجهي ايڊ ڪريون ٿيون اهي ايڊ ٿيندي ئي مجنان ٿيو پون، اسان انهن مردن کي جنسي بگهڙ سمجهئون ٿيون، جيڪي اسان کي فيس بڪ تي به جيئڻ ڪو نه ٿا ڏين. اسان سڀني عورتن کي تنوير آريجو وانگر انهن ميسجز جا اسڪرين شاٽس رکڻ گهرجن.
جميلا ميمڻ – لاڙڪاڻو