
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) امريڪا جديد جي پي ايس سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گلوبل پوزيشننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. آمريڪي ايئرفورس جو، جي پي ايس ٿري سيٽلائيٽ، جديد سيٽلائٽس سيريز مان پهريون آهي جيڪو خلا ۾ لانچ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جديد سيٽلائيٽس ذريعي گلوبل پوزيشننگ سسٽم وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. جي پي ايس سيٽلائيٽس آمريڪي ايئرفورس جي ڪنٽرول ۾ آهن. آمريڪي دفاعي ڪانٽريڪٽر لاڪ هيڊ مارٽن سيٽلائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ان جديد سيٽلائيٽس سان سڌ سماءَ جا ذريعا وڌيڪ آسان ۽ بهتر ٿي ويندا، سندس چوڻ هو ته ان سيٽلائيٽ کي مڪمل طور ڪم آڻڻ لاءِ اڃان هڪ سال جو وقت لڳي ويندو، جڏهن ته جي پي ايس سسٽم کي ٽيسٽ ڪرڻ کانپوءِ ان کي عام استعمال لاءِ پڻ ڪم آندو ويندو. ياد رهي ته ٻه ڀيرا ناڪامي کانپوءِ اسپيس ايڪس راڪيٽ نيٺ ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي هئي.