
ٻي مهاڀاري ويڙهه ۽ اٽلي جي شڪست کانپوءِ لبيا جي مستقبل جو سوال اڀريو جيڪو 1911ع ۾ اٽليءَ جي هٿن ۾ هليو ويو هو. برطانيه پاران لبيا کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي جن مان هر هڪ حصو برطانيه، اٽلي ۽ فرانس جي ڪنٽرول هيٺ هجي پر ان تي عرب قومپرستن پاران سخت اعتراض واريا ويا، جنهن کانپوءِ گڏيل قومن پاران لبيا جي آزاد رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويو.