
اداڪاره سڀاڳي عرف شهزادي بُلبل
اداڪاره سڀاڳي عرف شهزادي بلبل، ڪنهن مهارت، سوري تعارف جي محتاج ناهي، سندس اندار ۾ ايڏو ته فن ڀريل آهي جو احتياط سان هلڻو پوندو اٿس ته جيئن فن چُلڪي هارجي نه پوي، اڇو ته ساڻس روح رهاڻ ڪريون، هيءَ پهرين روح رهاڻ آهي، جنهن جي لاءِ هن بغير معاوضي جي حامي ڀري آهي.
صحافي: مئڊم شهزادي! سڀ کان پهرين توهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو،
شهزادي: ادا، منهنجو اصل نالو سڀاڳي آهي، شوبز ۾ ”شهزادي بلبل“ جي نالي سان مشهور آهيان پر ادا مهرباني ڪري منهنجو اصلي نالو اخبار ۾ نه ڏجو،
صحافي: ”ادا“ چوڻ کان پوءِ به توهان مون مان اها اميد ٿيون رکون؟
شهزادي: ڇا مطلب؟
صحافي: ٻين سڀني سان راضي پاضي، اَڪ فقير سان ٽانڊو- توهان اهو محاورو نه ٻڌو آهي؟
شهزادي،: ڳجهارتون ڏيڻ جي بدران اصل مقصد طرف اڇو ته بهتر آهي ڀاءُ،
صحافي: جڏهن توهان ادا ڀاءُ چوڻ بند ڪندؤ ته مان ڪا دل جي ڳالهه ڪري سگهندس.
شهزادي: توهان جي ماهوار پگهار ڪيتري آهي؟
صحافي: پندرنهن ويهه هزار ڪمائي وٺندو آهيان، پر توهان ڇو پيون پڇو!؟
شهزادي: ڇو ته مان رشتا سامهون واري جي حيثيت کي ڏسي جوڙيندي آهيان، غريب سڀ منهنجا ڀائر آهن
صحافي: اڇا،، اڇا،.. توهان هاڻي پنهنجي فئملي بيڪ گرائونڊ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
شهزادي: مون هڪ وچولي گهراڻي ۾ جنم ورتو، ڇو ته اسان جو گهر ڳوٺ جي وڇ ۾ هو، منهنجو بابو مشهور ماڻهو هو، اڪثر ماڻهو هن جي هر وقت ڳولا ۾ رهندا هئا.
صحافي: ڇا هو ماڻهن کان قرض وٺي لڪي ويندو هو جو ڳوليندا هئس؟
شهزادي: دراصل مان ننڍي هوندي ڏاڍي شرارتي هوندي هئس، پاڙي جي ٻارن کان شيون کسي ڀڄي ويندي هئس، خرچيون کسيندي هيس، ماڻهو شڪايت لاءِ بابي کي ڳوليندا هئا،
توهان جو بابو ڇا ڪندو هو؟
شهزادي: گهڻو ڪري انتظار ئي ڪندو رهندو هو ته ڪڏهن ٿي امان محفل ڪري واپس اچي، امان ڳائڻي هئي، هر چوٿين ڏينهن محفل ڪرڻ ويندي هئي.
صحافي: منهنجو مطلب آهي ته هو ڪهڙو ڪم ڪندو هو؟
شهزادي: ڪڏهن امان پئسا گهٽ ڏيندي هئي ته غيرت ڪندو هو،
صحافي: توهان جو هن فيلڊ ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟
شهزادي: آخري عمر ۾ امان جي گوڏن ۾ سور رهندو هو ،ڳائڻ وقت نچندي ٻه ٽي ڀيرا اسٽيج تي ڪري پئي، سو اداڪاري جو فيصلو ڪيائين، مان امان سان گڏ چئنلن جي آفيس ۾ ويندي هيس، ايئن امان جي بدران مون کي ڪم ملي ويو،
صحافي: زندگي جو پهريون ڊرامو ڪهڙو هو ۽ ان ۾ ڪردار؟
شهزادي: پهرين ته ٻه ٽي مهينا رڳو آڊيشن پئي ٿيا، هر نئون ڊائريڪٽر آڊيشن لاءِ پنهنجي فليٽ تي سڏيندو هو!
صحافي: مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ڊائريڪٽر توهان کي آڊيشن لاءِ فليٽ تي ڇو سڏيندا هئا؟
شهزادي: اها ڳالهه مون کي انهن ئي ڏينهن ۾ سمجهه ۾ اچي وئي هئي، توهان کي سمجهه ۾ اچڻ ضروري ناهي،
صحافي: ٻڌو آهي، توهان وٽ پنهنجي گاڏي، گهر ۽ تمام گهڻو بئنڪ بئلنس آهي، اهي سڀ شيون ڇا توهان اداڪاري مان ٺاهيون؟
شهزادي: توهان کي ساڙ ڇو ٿو ٿئي؟
صحافي: ساڙ جي ڳالهه ناهي، معلومات خاطر پڇان پيو؟
شهزادي: مون کي خبر آ، اهو سوال توهان مون کان ايمڻا ڪاريءَ جي چوڻ تي پڇو پيا،
صحافي: اها وري ڪير آ، مان ڪو نه سڃاڻانس!
شهزادي: مان نوري بانو جي ڳالهه پئي ڪريان، جيڪا اڄڪلهه شوبز جي ايمڻا بڻيل آهي، جنهن کي ڏس ڪاسٽ ۾ هن جو نالو لکندو آهي، ڪاري ڪلوٽي ميڪ اپ مهانگو ڪري ڇڏيو آ، اڄڪلهه منهنجي بواءِ فرينڊ سان گهڻو ٿي گهمي،
صحافي: بواءِ فرينڊ تان ياد آيو، توهان اڃا شادي ڇو نه ڪئي آهي؟
شهزادي: هيءَ منهنجي شادي جي عمر آهي ڇا، اڃا چوڌنهن سالن جي به نه ٿي آهيان.
صحافي: پر شناختي ڪارڊ ۾ ته توهان جي ڄمڻ جو سال 1980ع لکيل آهي، ان حساب سان توهان جي عمر 38 سال ٿئي ٿي،
شهزادي: مان پنهنجي عمر فيلڊ ۾ انٽري کان سنڀاليندي آهيان،
صحافي: اداڪاري توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
شهزادي: منهنجي نظر ۾ اداڪاري ڏاڍي ڀلي شيءِ آهي، ماڻهو مشهور ٿئي ٿو، هونئن جنهن ڪم جا هزار ٻه هزار ملن ان جا اٺ ڏهه هزار مليو وڃن، ماڻهو جو اداڪاري قدر قيمت وڌائي ٿي،
صحافي: ڪهڙي ڊائريڪٽر سان گڏ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو؟
شهزادي: ويچارو مري چڪو آهي، نالو کڻي خوار ڇو ڪريانس!
صحافي: لباس ڪهڙي قسم جو سڀ کان وڌيڪ توهان کي وڻندو آهي؟
شهزادي: مون کي جيڪو لباس پسند آهي بدقسمتي سان هتي اهو پائڻ جي اجازت ڪونهي، دعا ڪريو ڪا بالي ووڊ جي فلم ملي.
صحافي: بالي ووڊ جي فلم لاءِ دعا جي ڪهڙي ضرورت آهي، پنجاهه سو رپين ۾ ريمبو سينٽر تان وٺي اچو،
شهزادي: منهنجو مطلب آهي دعا ڪريو ته بالي ووڊ جي فلم ۾ چانس ملي،
صحافي: جيڪا دعا قبول ٿيڻ وري نه هجي اها ڪرڻ مان فائدو ناهي، هونئن به توهان مون کي ادا، ڀاءُ چيو ڇا ايئن ڪنهن جي دعا کٽبي آ؟
شهزادي: توهان جهڙي بدتميز ماڻهو سان ڳالهائڻ فضول آحي، مان وڃان ٿي!