fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پروفيسر خميسي آچراڻي کان پڇو!

(هن سلسلي ۾ توهان به پروفيسر خميسي آچراڻي کان سوال پڇي سگهو ٿا، پنهنجا سوال هن اي ميل ايڊريس تي موڪليندا dailypahenjiakhbar@gmail.com)
سوال: ڪاڪا خميسا! پراڻي زماني جي ماڻهن ۽ اڄ جي ماڻهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
(نور زمان ڪنڀر/ عمرڪوٽ)
جواب: بابل! تون اهو پُڇ ته ڪلهه جي ڪنڀارن ۽ اڄ جي ڪنڀارن ۾ ڪهڙو فرق آهي ته مان توکي ٻڌايان. ڪلهه جا ڪنڀار ٿانو ٺاهيندا هئا اڄ جا ڪنڀار ادب ۽ صحافت ۾ مٽَ پيا ڀڃن.
سوال: خميسا آچراڻي صاحب! زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪيترو مفاصلو آهي؟
(عاشق ابڙو / خيرپور)
جواب:ڇو ابا، محبوبا کي تارا لاهي ڏيڻ جي لاءِ پنڌ آسمان تي وڃڻو اٿئي ڇا؟ جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته سائين قائم علي شاهه سان گڏ ٿاڌل جو چُڪو پي اهو ڪم ڪري سگهين ٿو.
سوال: پروفيسر صاحب، ملڪ ۾ مارشلا چڱي يا جمهوريت؟
(ڪامريڊ زاهد پنهور / ڪوٽڙي)
جواب: پاڻ وٽ ٻئي هڪ ماءُ ڄڻيون آهن، جهڙي خيران تهڙي ڦاپل، انڌي ساهرين پيڪين هڪ جهڙي هوندي آهي.
سوال: ڪاڪا خميسا! توهان جي خيال ۾ منهنجي شڪل ڪنهن سان ٿي ملي؟
(جمعا خان / ڪڙيو گهنور)
جواب: آئون پنهنجو نالو هرگز نه کڻندس، متان خرچ گهرڻ شروع ڪرين.
سوال: آچراڻي صاحب، وسندڙ برسات ۾ محبوب ڇو ياد ايندو آهي؟
(گلاب ڌوٻي / ٽنڊو آدم)
جواب: ان ڳالهه مان ثابت ٿيو ته زال موچاري نه اٿئي ٻچڙا!
سوال: پروفيسر صاحب! ڪا نوڪري ته هٿ ڪري ڏي، بيروزگار ويٺو آهيان.
(عرس مڱريو / خانپور)
جواب:بابا عرس! وٽي سان سمنڊ خالي ڪرڻو آهي، اچ ڪم سان لڳي وڃ.
سوال:چاچا خميسا! منهنجي زال مون سان ڏاڍو ٿي وڙهي، مسئلي جو ڪو حل ٻڌايو؟
(محمد ميربحر/ سجاول)
جواب:بابل، ان مسئلي جو حل ڪنهن حڪيم کان پڇين ته چڱو آهي.
سوال:خميسا صاحب! مون سگريٽ ڇڏي ڏنا آهن هاڻ ڇا ٿو چوين؟
(عمران احمد / ڪراچي)
جواب: مون کي خبر آ، پنهنجي پئسن جا وٺڻ ڇڏيا اٿئي، ٻين کان گهري پيئڻ ڇڏين ته مڃان!
سوال: ڪاڪا خميسا! اڄڪلهه ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ اوچتو لکين رپيا اچن پيا، منهنجي لاءِ دعا ڪريو.
(ڪامريڊ هوت جوڻيجو / مٺي)
جواب: ابل، پهرين فروٽ جو ريڙهو لڳاءِ يا فالودي جو گاڏو هڻ ۽ پوءِ ادو اديءَ جو وظيفو ڪڍ، چاليهين ڏينهن پئسا تنهنجي اڪائونٽ ۾ ۽ تون ادي اديءَ جي اڪائونٽ ۾ جيل اندر هوندين!
سوال: پروفيسر خميسا، مون کي ماڻهو چريو چريو ٿا چون، ڇا مان توهان کي چريو ٿو لڳان؟
(حيدر گبول / هالا)
جواب: پٽ، پهرين شلوار سبتي پائي وٺ ۽ پينٽ ۾ اڳٺ وجهي آفيس نه ويندو ڪر، ماڻهن کي خبر نه پوندي ته چريو آهين.

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of