
فيشن جي دنيا ۾ اڪثر اهڙا نوان ٽرينڊز شروع ٿيندا رهن ٿا، جيڪي نه رڳو دلچسپ هوندا آهن پر انهن جي اچڻ سان زندگي ۾ رنگيني ۽ نواڻ اچي ويندي آهي. اڄڪلهه رنگين آءِ لائينر ۽ ڪجل جي فيشن کي سموري دنيا جي عورتن پنهنجي سونهن کي وڌائڻ لاءِ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ پاڪستان ۾ به ان جو ڪافي فيشن اچي ويو آهي .هي دلڪش انداز اوهان ڪنهن به دلڪش لباس سان بنا ڪنهن فڪر ڪرڻ جي اختيار ڪري سگهو ٿيون . ميڪ اپ جي ان انداز کي جينز ۽ غراري سان به اختيار ڪري سگهجي ٿو، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اوهان جي انداز ۾ اعتماد جهلڪندو نظر اچي. اصل ۾ ميڪ اپ ٽرينڊز سان گڏ اوهان جي پنهنجي اصل شخصيت کي برقرار رکڻ سان اوهان وڌيڪ پراعتماد نظر اينديون. ان ڪري پنهنجي اصل شخصيت ۾ ڪا مصنوعيت پيدا نه ڪريو ته اوهان جي حسن ۾ قدرتي جهلڪ نظر ايندي ۽ اوهان جي شخصيت متاثر ڪندڙ بڻجندي. هڪ ڊگهي عرصي کان ڪارو ۽ گري آءِ لائينر استعمال ٿيندو آيو آهي، جيڪو سدا بهار هئڻ سان گڏ ٿورو بيزار ڪندڙ آهي، ان ڪري تبديلي ضروري آهي، توهان لاءِ ان ٽرينڊ جي مختلف رنگن جي معلومات کڻي آيا آهيون .
1.گلابي آءِ لائنر: گلابي رنگ شوخ آهي، ان ڪري بهتر آهي ته ان کي اڇي بيس شيڊ سان گڏ استعمال ڪجي.
2.بلو آئي لائينر: جيڪڏهن آءِ لائينر گهرو آهي ته آءِ شيڊ لڳائڻ جي ضرورت ناهي .
3.ڊبل آئي لائينر : اڇي رنگ وارو آءِ لائينر لڳائڻ بعد ڳاڙهي رنگ وارو يا ڪو ٻيو گهرو رنگ استعمال ڪرڻ سان اکيون وڌيڪ دلڪش لڳنديون.
4.اکين جي وچ تي آءِ لائينر : هي سال الٽرا وايوليٽ رنگ جو آهي، ان ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اهو رنگ آءِ لائينر ٽرينڊز ۾ شامل نه هجي. واڱڻائي رنگ جا شيڊز هونئن به عورتن جا پسنديده آهن. اوهان پنهنجي پسند ۽ لباس جي مناسبت سان گهرا يا هلڪا شيڊز لڳائي سگهو ٿيون، بس نفاست سان خوبصورت ڪجل لڳايو، اوهان جو چهرو جرڪي اٿندو. سائي رنگ جو آءِ لائينر لڳائڻ بعد ان جو هلڪو شيڊ اکين جي ڪنارن تي به واضح ڪريو، ان سان اوهان جون اکيون روشن ۽ وڏيون نظر اينديون. آئنده جڏهن به ميڪ اپ لاءِ آئيني سامهون بيهو ته هن نئين انداز کان هٻڪجو بلڪل نه، ڇو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته رنگين ڪجل سمورين عورتن لاءِ مناسب آهي .