fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جديد ٽيڪنالاجي موسيقي جون اڳوڻيون ايجادون گم ڪري ڇڏيون!

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) تيزيءَ سان مٽجندڙ جديد ٽيڪنالاجي موسيقي ٻڌندڙن کي به ٽيڪنالاجي سان گڏ هلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي هاڻوڪي استعمال سان گڏ روايتي محفلن جي انداز جي به واپسي ٿي آهي. سنڌ ۾ اوائلي دؤرن کان موسيقي ٻڌڻ جو ذريعو محفلون رهيون آهن يا وري درگاهون راڳ ٻڌڻ جو ذريعو رهيون آهن. پر انگريزن جي دؤر ۾ سائنسي ترقي جڏهن سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ پهتي ته سنڌ ۾ به راڳين جا رڪارڊ اچڻ شروع ٿيا. اهي رڪارڊ وڏي پيماني تي 1970ع واري ڏهاڪي تائين هليا، جن ۾ سنڌ اندر ڪيترن ئي راڳين جي گراموفون تي پٿر واري آيل ڊسڪ وسيلي ڪلامن وڏي مقبوليت ماڻي. اهڙي ريت فلمن جا گانا به اچڻ لڳا، 1949ع ۾ آيل پهرين فلم سنڌي ”ايڪتا“ جا گانا به گراموفون تي آيا جڏهن ته ڪي شوقين اردو، هندي ۽ انگريزي فنڪارن جا به رڪارڊ ٻڌندا هئا. فونوگراف يا گراموفون واري ان ٽيڪنالاجي سان گڏ ريڊيو جي نشريات 1936ع ۾ پشاور مان شروع ٿي، جڏهن ته لاهور مان 1937ع ۽ ڍاڪا مان 1939ع ۾ شروع ٿي. سنڌ ۾ 1948ع ۾ ڪراچي ۾ ريڊيو اسٽيشن شروع ٿي جتان پڻ راڳين ۽ گلوڪارائن جو راڳ شروع ٿيو. هندستان ۾ 1926ع ۾ هڪ خانگي انڊين براڊڪاسٽنگ ڪمپني (آءِ بي سي) مارچ 1927ع ۾ ممبئيءَ مان ريڊيو براڊڪاسٽنگ شروع ڪئي. 1928ع ۾ لاهور ۾ به هڪ ننڍڙي ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ايئن پوءِ ريڊيو ننڍي کنڊ ۾ عروج ماڻڻ شروع ڪيو. پاڪستان ۾ ريڊيو عروج ماڻيندو رهيو 1972ع ۾ ان کي پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جو نالو ڏنو ويو. ملڪ جي ريڊيو اسٽيشنن تان مختلف ٻولين جي فنڪارن جا اسم هلندا هئا جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي فنڪارن کي به هڪ نئين سڃاڻپ ملي. سنڌ ۾ فونوگرام کي فونو ڪري به ڪوٺيو ويندو هو، فوني سان گڏ ٽيپ اسپول پليئر به آيو جيڪو هڪ طرح سان ٽيپ رڪارڊر جو شروعاتي انداز هو. 1962ع ۾ فلپ ڪيسٽ ايجاد ٿي، جنهن جي هڪ پاسي 30 يا 45 منٽن جي رڪارڊنگ هوندي هئي، ان ڪيسٽ سان گڏ ٽيپ رڪارڊر يا ٽيپ پليئر به شروع ٿيو. جنهن موسيقيءَ کي ڪمرشل يا واپاري بنيادن تي باهه وانگر ڦهلائي ڇڏيو. دنيا ۾ ڪيسٽ شروع ٿي ته ان سنڌ اچڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ سنڌ ۾ به ٽيپ رڪارڊر اچي ويو ۽ نومبر 1964ع ۾ پي ٽي وي به شروع ٿي جتان راڳ سڌو سنئون ڏسجي سگهبو هو. ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي نسل کي محفلن، فنڪشنن ۽ درگاهن، گراموفون، اسپول پليئر، ٽيپ ريڪارڊر تي ڪيسٽ، ٽي وي ۽ ريڊيو وسيلي موسيقي ٻڌڻ جا موقعا مليا. ان کانپوءِ ويهين صديءَ جي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ وڊيو ڪيسٽ ريڪارڊر جو به دؤر آيو جنهن وسيلي فلمون ۽ موسيقي مرضي سان گهر ويٺي ڏسبو هو. ان رجحان سان فونوگرام لڳ ڀڳ پڄاڻي تي پهتو يا وري شوقينن جو شوق وڃي بچيو. هونئن ته وي سي آر تي ڪم سوني ڪمپني سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو هو پر سنڌ ۾ ان جو عروج 80ع واري ڏهاڪي ۾ ٿيو. ان دوران دنيا ۾ وڊيو سي ڊي به شروع ٿي پر پاڪستان ۾ ان جو عروج 2000ع واري ڏهاڪي ۾ آيو. وڊيو سي ڊي سان گڏ ڊي وي ڊي به شروع ٿي جنهن هڪدم وڊيو ڪيسٽ ۽ وي سي آر کي مارڪيٽ مان گم ڪري ڇڏيو. 2010ع کانپوءِ انٽرنيٽ گهڻو عام ٿيو ته وڊيو سي ڊي به پڄاڻي ڏانهن وڃڻ لڳي، جنهن کي وڏو ڌڪ ايم پي ٿري ڏنو، مٿان يو ايس بي ۽ سم ڪارڊ آيا ته انهن سي ڊي ۽ ٽيپ رڪارڊرز کي هڪ ڌڪ ۾ آئوٽ ڪري ڇڏيو. موبائيل ٽيڪنالاجي سڀني لاءِ هن وقت تائين آخري وار ثابت ٿي آهي جو ان ۾ هر طرح جي موسيقي ٻڌڻ جا ذريعا موجود آهن. موسيقي توڙي هر طرح جا پروگرام ڏسڻ جو مک ذريعو موبائيل سيٽ بڻيل آهي جتان ٽي وي توڙي اسپيڪرن وسيلي موسيقي هلائي سگهجي ٿي. ساڳي ريت وري ٽيليويزن سيٽس ۽ ريڊيو سيٽس جي ٽيڪنالاجي ۾ به تيزيءَ سان تبديلي آئي آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ ٽيڪنالاجي جادوئي انداز ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ نيون نيون ايجادون پوين ايجادن کي ميوزيم ڀيڙو ڪنديون پيون وڃن. هن وقت خاص ڪري سنڌ ۾ ڪيسٽس ۽ سي ڊي جي مارڪيٽ زيرو ٿي وڃڻ کانپوءِ فنڪارن پاران محفلن ۽ پروگرامن واريون سرگرميون وري عروج وٺي رهيون آهن ته فنڪار انٽرنيٽ تي يوٽيوب، ڊيلي موشن، سائونڊ ڪلائوڊ وغيره جهڙن وسيلن تي به ڀاڙي رهيا آهن ته مختلف ايپس پڻ مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن جن کي موبائل ۾ ڊائون لوڊ ڪري پسند جي موسيقي ٻڌي سگهجي ٿي.
فونوگراف ڪيئن ۽ ڪنهن ايجاد ڪيو؟: موسيقي ٻڌڻ جي ان ابتدائي ايجاد کي فونو گراف يا گرامو فون کان سواءِ ننڍي کنڊ ۾ فونو يا چينجر به ڪوٺيو ويندو هو جو برطانيا ۾ ڪجهه ڪمپنيون ان کي رڪارڊ چينجر جي نالي سان به ٺاهينديون هيون. ان سان گڏ هڪ ڀوپو (لائوڊ اسپيڪر) به هوندو هو، ان جون مختلف ملڪن ۾ مختلف ڊزائينون به ٺهيون. جيئن ته ننڍو کنڊ برطانيا جي بيٺڪ هو ان ڪري هتي گرامو فون، گراموفون ڪمپني جو ايندو هو. سنڌ ۾ عام طور ان کي فونو ڪري ڪوٺيو ويندو هو. فونو گراف 1877ع ۾ بلب ايجاد ڪندڙ آمريڪي سائنسدان ٿامس ايڊيسن 1877ع ۾ ابتدائي تجربو ڪري ايجاد ڪيو. جنهن ۾ ٽيليفون ايجاد ڪندڙ سائنسدان گراهم بيل جي ليباريٽري وولٽا بهتري آندي ۽ 1880ع ڌاري ان کي گراموفون جو نالو ڏنو ويو. موسيقي ٻڌڻ جي ان ابتدائي سائنسي ايجاد کي ڪجهه سالن بعد بهتري اچڻ تي جڏهن برطانوي ڪمپنين مارڪيٽ ڪيو ته ان جو نالو گراموفون ئي مقبول ٿيو جيتوڻيڪ ڪجهه هنڌن تي ان کي ايڊيسن واري نالي فونوگراف جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. منڍ ۾ ئي ٿامس ايڊيسن ان ۾ رڪارڊنگ جو نظام به ايجاد ڪيو هو. گڏوگڏ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ ايملي برلنر گول ڊسڪ به ايجاد ڪئي جنهن تي رڪارڊ ٿيل موسيقي هلندي هئي. هاڻ اها سائنسي ايجاد ميوزيمس توڙي شوقينن تائين موجود آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ان ٽيڪنالاجي وسيلي به موسيقي ٻڌن ٿا.
گراموفون جي پهرين رڪارڊنگ: هندستان جي ڪجهه ماڻهن جي گراموفون تي پهرين ريڪارڊنگ 1899ع ۾ لنڊن ۾ ٿي هئي جيڪا پبلڪ نه ٿي، پر هندستان ۾ 1904ع ۾ ڪلڪتي ۾ پهرين ريڪارڊنگ جنهن گائڪا جي ٿي ان جو نالو گوهر جان هو جيڪا بنگالڻ هئي. هوءَ ڳائڻي سان گڏ ڪلڪتي جي مشهور طوائف به هئي ۽ گراموفون جي پرڏيهي گانن تي ناچ به ڪندي هئي، مشل ڪنيئر پنهنجي ڪتاب “دي گراموفون ڪمپنيز فرسٽ انڊين ريڪارڊنگ” ۾ لکي ٿو ته ”گوهر جان جي اها گراموفون ريڪارڊنگ رڳو هندستان نه پر ايشيا ۾ پهريون گانو آهي جيڪو سندس آواز ۾ 1904ع ۾ ريڪارڊ ٿيو.“ گراموفون ڪمپني 1901ع ۾ پنهنجي پهرين آفيس ڪلڪتي ۾ کولي هئي، جيڪا بعد ۾ هز ماسٽر وائيس (ايڇ ايم وي) ڪمپني ۾ شامل ٿي وئي جنهن جا انيڪ ريڪارڊ آيا. 1971ع کان گراموفون اِي ايم آءِ ڪمپني ۾ مڪمل طور ضم ٿي وئي. اِي ايم آءِ ڪمپني سنڌي فنڪارن جا ڪلام پڻ ريڪارڊ ڪيا.
انٽرنيٽ، موبائل ۽ ميموري ڪارڊ جو دؤر: مشهور براڊڪاسٽر ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ مختيار ملڪ ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان تي به گرامون فون ٽيڪنالاجي کان وٺي اڄ ڪمپيوٽر ۾ گانن جي سيونگ واري ٽيڪنالاجي استعمال ٿي آهي. ريڊيو تي گهڻو وقت ٽيپ اسپول هليو جيڪو بعد ۾ ڪيسٽ ٽيپ ۾ به تبديل ٿيو. هن ٻڌايو ته خانگي طور چينجر پليئر به ماڻهن وٽ هوندا هئا، اڳين زماني ۾ اهو مهانگو شوق رڳو امير ڪندا هئا پر بعد ۾ ريڊيو ٽي وي، ڪيسٽ ۽ هاڻي انٽرنيٽ سڀني لاءِ هڪجهڙا موقعا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. وي سي آر، سي ڊي ۽ ڪيسٽ جو ڪاروبار ڪندڙ جئرام داس ٻڌايو ته 1985ع کان وي سي آر عروج تي آئي ۽ پوءَ تڪڙ ۾ تبديليون آيون ۽ اهو ڪاروبار ڪيسٽ ۽ وي سي ڊي تي پهچي اوچتو ايئن ختم ٿي ويو ڄڻ آڱر کي ڪنهن صابڻ هڻي منڊي لاهي ڇڏي هجي. خبر ناهي اڳتي ڪهڙي نئين ٽيڪنالاجي اچي پر هن وقت ريڊيو ۽ ٽي وي تي موسيقي گهٽ ٻڌي وڃي ٿي باقي انٽرنيٽ، موبائيل ۽ ميموري ڪارڊ هاڻ مک ذريعا آهن.

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of