
يو ايس بي-سي نالي پاور بينڪ چارجر هڪ ئي وقت فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا ڊوائس چارج ڪري ٿو
واشنگٽن (ٽيڪ نيوز)جديد دور ۾ هر ٻئي ڏينهن ٽيڪنالاجي اهڙيون اليڪٽرانڪ شيون متعارف ڪرائي ٿي، جنهن سان ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي. اهو ڪنهن ڄاتو هوندو ته چارجنگ ڊوائس دلچسپ به ٿي سگهن ٿا. اهڙي ئي هڪ پاور بينڪ چارجنگ ڊوائس يو ايس بي-سي اليڪٽرانڪ شين جي چارجنگ واري سنهري دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. يو ايس بي-سي هڪ ئي وقت سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ کي چارج ڪري سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻين هاٽ اسپاٽ ۽ بليوٽوٿ ڊوائسز کي به چارج ڪري سگهجي ٿو. ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو ڊينيئل چِن موجب يو ايس بي-سي هڪ اهڙي ڊوائس آهي، جنهن سان ڊيٽا، پاور ۽ وڊيو سميت ٻين ڊوائسز جهڙوڪ مئڪ، پرسنل ڪمپيوٽر، اينڊرائڊ ۽ سمارٽ فونز ڪنيڪٽ ڪري سگهجن ٿا. هن ڊوائس جو وڏو فائدو اهو آهي ته هي ڊوائس گهڻي چارجنگ وارن ليپ ٽاپ يا ٽيبليٽ کي به فون وانگر گهٽ وقت ۾ چارج ڪري ٿو. اهي ماڻهو جيڪي مستقبل جو حصو ٿيڻ چاهين ٿا، تن لاءِ يو ايس بي-سي جا مختلف نمونا متعارف ڪرايل آهن.