
جڏهن کان ساڻ ڪو رشتو حسين ڪونه رھيو
ڀروسو ڀور ٿيو، ڪوئي يقين ڪونه رهيو!
گهڙيون سڀ اوپريون هون ، پل اٻاڻڪا سڀ ها،
لمحو ڪو تو پڄاڻان، دلنشين ڪونه رھيو!
هليو ويو هو ڀي ۽ مان ڀي هلي ويس ڪاڏي
وقت ڀي ويو هليو سو بهترين ڪونه رهيو!
پيار وارا ڪُٺا هڪٻئي پٺيان جو راهن ۾
ڏوھ ڇا پيار جان ڪوئي سنگين ڪونه رهيو؟؟
وقت تبديل ٿيو وابستگيون به اڻلڀ ٿيون،
خواب ڀي ڪوئي اکين ۾ حسين ڪونه رھيو!
مندون سڀ بي وڙيون، آندئون ڀريون وڇوڙن جون
چوڏسا ۾ ڪوئي منظر رنگين ڪونه رھيو!
Hello