
فرقُ فرقي، نه مذهب جو
نه خاني خانَ آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!
رُڳو جي عشق راضي ٿي
ته عاليشان آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!
سچل جي واٽ تي حَق جا
چِٽا نِيشان آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!
اسان کي ڇو ائين سمجهو؟
اسان سامانَ آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!
ٻُڌين ٿو ”حق“ جا نعرا ؟
صفا طوفانَ آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!
هلون جي روشني آهيون
بيهون گُلدانَ آهيون بس
اسان انسان آهيون بس!