
سکر جو ڊسمبر …
سکر جو ڊسمبر ، هوڳالهيون پراڻيون ،
مليل رانگ نمبر، هو ڳالهيون پراڻيون ،
لتاڙي اسان کي ويو ڄڻ ڪو آهي ،
يادن جو لشڪر ،هو ڳالهيون پراڻيون
ٿڌي ڇانوَ نم جي ، هو پنڇي ، هو پينگهو
اباڻو ڊٺل گهر، هو ڳالهيون پراڻيون ،
دعائون،ادائون، سڳا عاشقي جا
هو سيوهڻ قلندر، هو ڳالهيون پراڻيون ،
رهيا هن اکين ۾رڳو هاڻ ڳوڙها
وڇوڙو ستمگر، هو ڳالهيون پراڻيون .