
جڏهن روانڊا جي صدر جي جهاز کي تباهه ڪيو ويو ته ملڪ خانه جنگي جي ور چڙهي ويو. هوتو ۽ تتسي قبيلن وچ ۾ شروع ٿيل خوفناڪ ويڙهه لکين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. هوتو قبيلو جيئن ته اڪثريت ۾ هو تنهن تتسي قبيلي جي ماڻهن جو رت جو دريا وهائي ڇڏيو ۽ اٽڪل 5 لک ماڻهو انهي رت جي راند جو شڪار ٿيا. هڪ مسيحي کان اها تباهي ڏسي بي اختيار اهو نڪري ويو ته”دوزخ ۾ هاڻ ڪو شيطان ناهي بچيو، سڀ روانڊا ۾ اچي ويا آهن!“