fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

”گاڊ فادر“ جو ماريو پوزو- جيڪو ڪڏهن به ڪنهن گينگسٽر سان نه مليو!

ماريو پوزو- اهو اطالوي نزاد امريڪي ناول نگار آهي جنهن جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي ڪلاسڪ ناول ”گاڊ فادر“ ياد اچي ويندو آهي. هن جي مقبوليت جو سبب انتهائي ذهانت سان لکيل ڪرائيم فڪشن ۽ مافيا اسٽوريز آهن. گاڊ فادر ڏوهن، وفاداري ۽ جذبات سان گڏ هڪ ڊان جي گهراڻي جي ناقابل يقين زندگي تي ٻڌل شاهڪار آهي. اهو ناول پنهنجي جوهر ۾ ان حد تائين حقيقت جي ويجهو لڳي ٿو جو ڪنهن به ماڻهو لاءِ اهو يقين ڪرڻ مشڪل هو ته هي ناول بنا ڪنهن گينگسٽر سان ملڻ جي لکيو ويو هجي ۽ حقيقت اها آهي ته ماريو پوزو پوري زندگي ڪنهن گينگسٽر سان ڪونه مليو پر هن جي ناولن جي ڪردارن حقيقي تاثر ڇڏيندي امريڪي سماج تي گهرا اثر وڌا. هڪ غريب ۽ اڻ پڙهيل گهراڻي ۾ ماريو پوزو  15 آڪٽوبر 1920ع تي امريڪي رياست نيويارڪ ۾ جنم ورتو. هو اڃان ننڍي وهيءَ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ کين ڇڏي ويو بعد ۾ هو  ٻين گهرڀاتين سان گڏ نيويارڪ جي برونڪس علائقي ۾ لڏي آيو. ماريو جي ماءُ کيس ريلوي کاتي ۾ ڪلرڪ بڻائڻ پئي چاهيو پر  هن لائبريرين ۾ وڃي ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. هو گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ پهرين ريلوي کاتي ۾ ڀرتي ٿيو بعد ۾ امريڪي ايئر فورس جوائن ڪيائين. هي ٻي عالمي ويڙهه وارو زمانو هو، اکين جي نظر جي ڪمزوري سبب کيس ويڙهه جو حصو ته نه بڻايو ويو پر  جرمني ۾ کيس پبلڪ رليشن آفيسر طور مقرر ڪيو ويو. هو جرمني مان موٽڻ بعد پوزو تخليقي ادب جا ڪلاسز وٺڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي جوائن ڪئي. 1946ع ۾ هن جي شادي پنهنجي گرل فرينڊ ايريڪا لينا سان ٿي، جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن ۽ ٽن پٽن جو اولاد ٿيو. پوزو جي زندگي ۾ ٻي عورت ڪيرول جينو هئي، جيڪا ايريڪا جي نرس هئي، 1978ع ۾ ايريڪا جي وفات بعد ڪيرول سندس ساٿ نڀايو. 1950ع ۾ ماريو پوزو جي پهرين ڪهاڻي ”دي لاسٽ ڪرسمس“ جي عنوان سان ڇپي، هن جو پهريون ناول ”دي ڊارڪ ارينا“ هو جيڪو 1955ع ۾ منظر عام تي آيو. جيتوڻيڪ انهي ناول تي تنقيدي رايا مثبت آيا پر اهو ناول معاشي مشڪلاتن ۾ گهيريل ماريو جي ڪا مدد ڪري نه سگهيو. ڏهن سالن جي وقفي کانپوءِ آيل ناول ”دي فارچونيٽ پلگرم“ جي حالت به ساڳي هئي. ٻن ناولن جي ناڪامي به پوزو کي مايوس نه ڪري سگهي ۽ ايئن سندس ٽيون ناول دنيا جو بهترين ناول ثابت ٿيو، سو هو ”دي گاڊ فادر“! 1969ع ۾ آيل هي ناول دي نيويارڪ ٽائمز جي بيسٽ سيلر ناولن جي لسٽ ۾ 67 هفتن تائين ٽاپ تي رهيو جنهن کيس دنيا جو بهترين ناول نگار بڻائي ڇڏيو. انهي لسٽ ۾ هجڻ دوران ئي ناول جون هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون هيون. گاڊ فادر جي ڪاميابي کانپوءِ انهي سلسلي جا ٻه ٻيا ناول به ماريو جي قلم مان نڪتا، جنهن تي جڏهن هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر فرانسس ڪپولا فلم ٺاهي ته ان پوري دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو. انهي بي پناهه ڪاميابي کانپوءِ ماريو پوزو پوئتي مڙي نه نهاريو ۽ هن هڪٻئي پويان شاهڪار ناول ڏنا، جن ۾  فولس ڊاءِ (1978)، دي سسيلين (1984)، دي فورٿ ڪي (1991) ۽ دي لاسٽ ڊان (1996) شامل هئا. سندس ٻه ٻيا ناول اومرٽا (2000) ۽ دي فيملي (2002) ۾ هن جي لاڏاڻي کانپوءِ شايع ٿيا. فڪشن جي دنيا جي هن عظيم ناول نگار 2 جولاءِ 1999ع تي نيويارڪ ۾ دم ڏنو. ماريو پوزو کي گاڊ فادر فلم جي بهترين اسڪرين پلي تي آسڪر ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، ان کان علاوه هن مشهور فلم سيريز سپرمين جا اسڪرين پلي لکڻ سميت پنهنجي ٻين ناولن دي فولس ڊاءِ ۽ دي ڊارڪ ارينا جا اسڪرين پلي پڻ لکيا.  ماريو پوزو جي فڪشن تي روسي ناول نگار فيودور دوستووسڪي جو تمام گهڻو اثر رهيو، ايتري قدر جو ڪيترن ئي ناولن ۾ هن دوستووسڪي جي ناولن جون سٽون پڻ شامل ڪيون.

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of