
مان رند ناهيان ته ڪير آ؟
هو جمشيد جنهن جام جم جو
تڪلف ڪيو
جنهن رمز ۾ رات ساري ڪٽي
هو سڪندر! هٿان جنهنجي
امرت جو پيالو ڀڳو
هو مُلان. هو جامي
جام جي شهر وارو
هو فاران وارو رومي
اهو رند آ!؟
ايئن ڀي ته ناهي
هو طهورا جي ڳولا ۾ دم دم رهيا
هو شيراز، تبريز وارا
اهي رند ها
هو انگور واسي هئا تنهن ڪري
ايئن ڀي ته ناهي
هُو سرمد ۽ دارا
يا منصور حلاج
جن پيتو جام جم آ
لبن تي رکي
انهن کي اوهان رندُ
ڀلجان چئو
مگر هاڻ جو حال ڪوئي ڪري
مان رند ناهيان ته پو ڪير آ؟
هو بهلول مجذوب گذري ويو
قلندر اگھاڙي مٿي لال هو
ازل ۽ ابد جو اهو ڀير آ
مان رند ناهيان ته پو ڪير آ ؟
بلا شاه باهو
ڀٽائي به تنبو ٿو وڄائي،
اسان جو اتي ئي
اهو ڊير آ
مان رند ناهيان ته پو ڪير آ؟
ازل ۽ ابد کان جو آزاد آ
اهو رند مذهب
اهو منهنجو مشرب
اهو ڊير آ
مان رند ناهيان ته پو ڪير آ؟