
جيتوڻيڪ دنيا جي پهرين ٽيسٽ ٽيوب ٻار جي پيدائش برطانيه ۾ 1975ع ۾ ٿي چڪا هئي پر امريڪا ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيوب ٻار جي پيدائش اڄوڪي ڏينهن تي ٿي. ايلزبيٿ جارڊن نالي اها ٻارڙي صبح جو پوڻي اٺين وڳي پيدا ٿي، جيڪا جنم وقت بلڪل صحتمند هئي ۽ هن جو وزن 5 پائونڊ 12 آئونس هو. اڄڪلهه اها ورجينيا ۾ رهي ٿي ۽ پيشي جي اعتبار کان صحافڻ آهي.