fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

وارهه ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم باوجود استاد نٿا اچن ، ڪيترائي اسڪول بند

ڪيترائي گرلس اسڪول به ٽيچرز نه اچڻ سبب بند ، بائيو ميٽرڪ سسٽم تي سوال اٿڻ لڳا

وارهه (رپورٽر) وارهه تعلقي اندر قائم 234بوائز پرائمري اسڪولن مان اڌ کان گهڻا اسڪول استادن جي نه اچڻ سبب بند پيل آهن ۽ استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن .بائيو ميٽرڪ سسٽم باوجود استاد اسڪولن ۾ نٿا اچن . تعلقي جي يوسي ميرپور يوسي حمل يوسي نورآباد، ڪلر ، آباد ۽ وارهه يوسي جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آھن جڏھن ته هلندڙ اسڪولن اندر به استادن هڪ ٻئي جي سهولت خاطر ڊيوٽي جا وارا ٺاهي ڇڏيا آھن جن تحت اڌ استاد ڊيوٽي ڪندا. بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي استادن کان فنگر پرنٽس وٺندڙ آفيسر هر هفتي ۾ هڪ ڀيرو وزٽ تي ويندو آھي ۽ ان ڏينهن ڪيترائي استاد اڳواٽ موڪل لکي رکي ڇڏيندا آھن ۽ ٻيا استاد لکيل درخواست ڏيکاري ڇڏيندا آهن . تعلقي جي بند پيل اسڪولن ۾ خير محمد ٻرڙو، عبدالرزاق چانڊيو شفيع محمد ڇٽو ،عبدالوارث ٽوٽاڻي، عمران آباد ڪوٽ ،سرور دري ماڇي ، مجيب گورگيج ،انورآباد ،حسين آباد محمد خان مغل سميت ڪيترائي اسڪول شامل آھن جڏھن ته گرلس پرائمري اسڪولن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي . تعلقي اندر 54 گرلس پرائمري اسڪولن مان 28 اسڪولن بند هجڻ جو انڪسشاف ٿيو آهي .

Bookmark the permalink.