fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جروار جي واٽر سپلاء رولڙي جو شڪار، واٽر ڪميشن نوٽيس ورتو

پبلڪ هيلٿ کاتي جي بي ڌياني سبب مٺي پاڻي جي سپلاءِ گذريل پنجن سالن کان بند پيل

شهرين جي درخواست تي جسٽس امير هاني مسلم نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

جروار(رپورٽ: ماجد گبول) جروار شهر ۾ پنجن سالن کان واٽر سپلاء ٺيڪدارن جي ۽ پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن جي ملي ڀڳت ۽ ڪرپشن ڪرڻ سبب رولڙي جو شڪار رهيو آهي شهري صاف پاڻي پيئڻ کان محروم رهيا مهينو اڳ شهرين غلام بوزدار هڪ شڪايتي درخواست اميرهاني مسلم کي موڪلي ڏني جنهن جو اميرهاني مسلم نوٽيس وٺندي پبلڪ هيلٿ کاتي کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ته اميرهاني مسلم پاران نوٽيس وٺڻ تي پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ پبلڪ هليٿ کاتي هڪ ٽيم حيدرآباد مان ايگزيڪٽو انجنيئر عبدالطيف جي اڳواڻي ۾ جروار واٽر سپلاء جي معانو ڪرڻ لا موڪلي ڏني ٽيم جروار مان واٽر سپلاء جي پاڻي جا سيمپل ۽ ٺيڪيدار جي ڪرپشن سبب وقت کان اڳ تباه ٿيل پاڻي وارن پائپن جا فوٽو ڪڍيا ايگزيڪٽو انجنيئر عبدلطيف جو چوڻ هو ته اسان صرف رپورٽ ٺاهي ڏيندا سين ۽ واٽر سپلاء جو مرمتي ڪم ڪرائينداسين ان لا سموري سنڌ لاء واٽر سپلا جي مرمتي ڪم لاء پئسا آيل آهن، هوڏاهن شهرين غلام بوزدار اڪشي بترا جيتو رام ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صحت لاء هاڃيڪار پاڻي جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهون پهنجو زندگيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ڪيتري وقت ناقص پائپن جي استعمال سبب شهري گثرن جو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل رهيا هنن امير هاني مسلم کي اپيل ڪندي چيو ته واٽر سپلاء اسڪيم ۾ ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ پبلڪ هيلٿ جي آفييسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي جن جي غفلت سبب ڪيترائي ماڻهون پهنجو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

Bookmark the permalink.