fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پيرا گون اسڪينڊل ۾ خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾15 ڏينهن واڌ

عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ تي سول آمريت مڙهيل آهي: سعد رفيق

حڪومت جي ماتحت ادارن جيڪو رويو رکيو آهي ان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو
خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق

لاهور(م ڊ) احتساب عدالت پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب جي ٽيم سعد رفيق کي احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد مان لاهور نيب آفيس منتقل ڪيو جتان سخت سڪيورٽي ۾ خواجه ڀائرن کي احتساب عدالت ۾ آندو ويو. ليگي اڳواڻن جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي جڏهن ته رنڊڪون بيهاري عدالت ايندڙ رستن کي عام شهرين لاءِ بند ڪيو ويو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي نيب ٽيم خواجه ڀائرن جي وڌيڪ 15 ڏينهن جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي آهي. نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته خواجه ڀائرن کان پڇا ڪئي ته توهان ڪهڙن ماڻهن کي سروس ڏني، خواجه سعد ۽ سلمان رفيق تفصيل نه ڏنا. جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته 6 ڏهائي 2 ملين سعد رفيق جي اڪائونٽ ۾ پيرا گون مان منتقل ٿيا، سعد رفيق ٻڌايو ته اها ڪميشن جي رقم آهي، اهو نه ٻڌايو ته ڪنهن زمين جي بدلي ڪميشن ملي. ٻئي پاسي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ تي سول آمريت جي حڪومت مڙهيل آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خواج سعد رفيق چيو ته حڪومت جي هيٺين ادارن جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، ان سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، الزام هڻڻ ۽ چور چوڻ بدران ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ويهڻ گهرجي. هن چيو ته سيڪيورٽي تي مقرر نيب اختيارين جو رويو اسان سان سٺو آهي، اڳ به چئي چڪو آهيان ته ڪنهن تي غلط الزام نٿو هڻڻ چاهيان.

Bookmark the permalink.