ٽيڪسلا (م ڊ) پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته تعليم مسلم ملڪن جي ترجيح ئي ناهي رهي. ملڪ هن وقت سخت معاشي بحران جو شڪار آهي، تعليم جيان پيٽروليم جي صنعت کي به تباهه ڪيو ويو آهي. گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ٽيڪسلا ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم جي سهولت کان وانجهيل آهن، جڏهن ته اڍائي ڪروڙ ميٽرڪ ۽ انٽر تائين پڙهڻ کانپوءِ تعليم ڇڏي ڏين ٿا، اسان جي ٻارن کي تعليم موجب نوڪريون نه ٿيون ملن، کين پڙهائي لکائي قابل بڻايون ٿا ته اهي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ وڃي پنهنجون خدمتون انجام ڏين ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي آهي، اهو ڪم ڏکيو لڳي رهيو آهي پر اسان جي حڪومت ان لاءِ قدم کڻي پئي، اسان دنيا جي تعليمي ميدان ۾ گهڻو پوئتي آهيون ۽ هن وقت يونيورسٽيون اسان جي گهرج آهن،