fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

صوبيدارن ۾ اختلاف شڪار پور کي ڌاڙيل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو، 2 مهينن ۾ 10 ڄڻا اغوا

خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ انڪشاف، ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويو، اغوائن ۾ واڌ

شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ماڻهو کڻڻ جون وارداتون تيز، لکي، ڳڙهي ياسين ۽ خانپور تعلقن مان به اغوا جا واقعا

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور سڀ کان وڌيڪ اغوائن وارو ضلعو بڻجي ويو، ٻن مهينن اندر 10 ماڻهو اغوا، 9 ڊرامائي انداز ۾ بازياب، هڪ ڀنگ نه ڀرڻ ڪري قتل، ڪڪڙن جي ميل تان خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلافن سبب اغوائن ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعقلي خانپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي کان ٻاهران ماڻهن کي اغوا ڪري جوابدار دريائي پٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي وڃن ٿا، /ڏسو صفحو 7 بقايا 26
جتان کين پوليس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ٿي، گذريل مهينن جي انگن اکرن موجب ڏهن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ،جن ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي، شڪارپور واسي نوجوان شعيب شاهه، رتيديرو واسي زبير بروهي کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي اغوا ڪيو ويو ساڳي ڏينهن تي ڳوٺ بوجا ناپر واسي 14 سالا نينگر اصغر علي ناپر کي اٺن هٿياربندن اغوا ڪيو، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ نامعلو هٿيار بند ڌاڙيل ٻن سڳن ڀائرن محمد قاسم ۽ عبدالواحد ڀيو کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد هٿيار جي زور ڳوٺ اسلم بروهي ڀرسان پنهل مارفاڻي ۽ غلام قادر مارفاڻي کي اغوا ڪيو ويو، جن کي شڪارپور پوليس مقابلن جي دعويٰ ڪندي بنا ڪنهن گرفتاري جي مغوين کي ڊرمائي انداز ۾ بازياب ڪرايو، جڏهن ته ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي ڀنگ نه ڀرڻ ڪري اغوا بعد بيدري سان قتل ڪيو ويو،

Bookmark the permalink.