
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور سڀ کان وڌيڪ اغوائن وارو ضلعو بڻجي ويو، ٻن مهينن اندر 10 ماڻهو اغوا، 9 ڊرامائي انداز ۾ بازياب، هڪ ڀنگ نه ڀرڻ ڪري قتل، ڪڪڙن جي ميل تان خفتين وٽان هٿ آيل ڪروڙين رپين تان ٻن صوبيدارن ۾ اختلافن سبب اغوائن ۾ اضافي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعقلي خانپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي کان ٻاهران ماڻهن کي اغوا ڪري جوابدار دريائي پٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي وڃن ٿا، جتان کين پوليس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ٿي، گذريل مهينن جي انگن اکرن موجب ڏهن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ،جن ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي، شڪارپور واسي نوجوان شعيب شاهه، رتيديرو واسي زبير بروهي کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي اغوا ڪيو ويو ساڳي ڏينهن تي ڳوٺ بوجا ناپر واسي 14 سالا نينگر اصغر علي ناپر کي اٺن هٿياربندن اغوا ڪيو، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ نامعلو هٿيار بند ڌاڙيل ٻن سڳن ڀائرن محمد قاسم ۽ عبدالواحد ڀيو کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڪجهه ڏينهن بعد هٿيار جي زور ڳوٺ اسلم بروهي ڀرسان پنهل مارفاڻي ۽ غلام قادر مارفاڻي کي اغوا ڪيو ويو، جن کي شڪارپور پوليس مقابلن جي دعويٰ ڪندي بنا ڪنهن گرفتاري جي مغوين کي ڊرمائي انداز ۾ بازياب ڪرايو، جڏهن ته ميان صاحب واسي محمد حنيف بروهي کي ڀنگ نه ڀرڻ ڪري اغوا بعد بيدري سان قتل ڪيو ويو،
شڪارپور: اغوائن بعد بازياب ٿيل مغوين شعيب شاهه، اصغر علي ناپر، ابوبڪر سولنگي، مولا بخش سولنگي ۽ ٻين “پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل ھنن مٿان سخت تشد ڪندا ھئا، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن چيو ته ڇوڪري جي مس ڪال اچڻ بعد ٽن مهينن تائين رابطو رهيو جنهن بعد هو انڊس هاءِ وي تي مڇي ٻنڊو وٽ پهتا ته موٽر سائيڪل سوارن هنن کي اغوا ڪري سندن وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو .
شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير صدوزئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ۾ پئدا ٿيل ڌڙا بندي کان چڱيءَ ريت واقف آھيان، امن امان سان هٿ چراند ڪندڙن کي معافي نه ڏبي هن وڌيڪ چيو ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ هن اي پي سي چين ساڻ ڪري ڪچي اندر آپريشن ڪيو آهي جنهن ۾ هن ٻن اغوا ڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته پوليس اندر اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر عوام کي انهن اختلافن جي ور چڙهڻ نه ڏبو.