
حيدرآباد جي سرد هوائن ۾ سياسي صورتحال جيتوڻيڪ ماٺار ۾ آهي، پر سياست جي بيٺل پاڻي ۾ پيپلز پارٽي پٿر هڻي لهرون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، ٿيو ايئن جو 15 ڊسمبر تي ڇنڇر واري ڏينهن حيدرآباد جي قاسم آباد جي ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ هڪ عام جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن کي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خطاب ڪيو، پنهنجي هن خطاب ۾ آصف زرداري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي تقرير ۾ هن هڪڙي ڳالهه واضع ڪئي ته جن ماڻهن کي ٽن سالن لاءِ ڪرسي ملي تن کي ملڪ جي عوام جي قسمت جا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته انهن فيصلن جو حق صرف پارليامينٽ کي آهي، آصف زرداري اهو ٻٽي معني وارو جملو ڳالهائي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ نيٺ هن کي اها ڳالهه واضع به ڪرڻي پئي ته جيڪي ادارا ڊيم لاءِ سرگرم آهن، تن کي انهن 9 لک ڪيسن جي به سار لهڻ گهرجي، جيڪي مختلف عدالتن ۾ التوا جو شڪار پيل آهن، پيپلز پارٽي آصف علي زرداري جي هن جلسي کي جيتوڻيڪ هڪ ڪامياب جلسو قرار ڏئي رهي آهي، پر هتان جا سياسي پنڊت اها ڳالهه برملا چون ٿا ته ڪرن شورو ڳوٺ ۾ ٿيل پيپلز پارٽي جو جلسو اهو تاثر ڇڏڻ ۾ ناڪام رهيو، جيڪو تاثر بينظير ڀٽو شهيد جي ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جا جلسا ڇڏيندا هئا، حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي کي هيڏو ميڙاڪو ڪرڻ جي ضرورت آخر ڇو پيش آئي؟ تنهن تي به سياسي پنڊت ڳالهائين ٿا، انهن پنڊتن جو خيال آهي ته پيپلزپارٽي اصل ۾ سنڌ جي ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻ چاهي ٿي، ته جيئن وقت ضرورت ماڻهن کي روڊن تي آڻي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ ڪارڊ اڃا به پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ آهي،
حيدرآباد جي ان جلسي کانپوءِ سياسي طور وري ماٺار جو شڪار آهي، پر ان شهر ۾ لاش ملڻ جو سلسلو اوچتو ئي اوچتو ڀڙڪو کائي اٿي پيو، ٿيو ايئن جو 20 ڏينهن دوران شهر جي مختلف علائقن مان پنج لاش هٿ آيا، جن مان چئن لاشن جي ته سڃاڻپ ٿي وئي، پر هڪ معصوم نينگري جي لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جنهن جو لاش ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا ؛ڦاٽڪ وٽ ريل جي پٽڙين وٽان هٿ آيو هو، اها پڃاري ٿاڻي جي حد هئي، جنهن حد مان ٻه لاش مليا، هڪ ته نامعلوم نينگري جو لاش هو، جنهن کي لاوارث قرار ڏئي تدفين جي لاءِ ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيو ويو، پر ساڳي ٿاڻي جي حد مان جيڪو لاش پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ آيو هو، تنهن جي سڃاڻپ 24 سالن جيي محمد احسان قاضي جي نالي سان ٿي، محمد احسان قاضي کي سندس ئي دوست نعيم راجپوت ولد نور محمد راجپوت پئسن جي لالچ ۾ قتل ڪري سندس لاش پنهنجي ئي گهر ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، پوليس چئن ڏينهن کانپوءِ جوابدار نعيم راجپوت کان اهو اعتراف ڪرائڻ ۾ مس ڪامياب ٿي ته هن ئي پنهنجي دوست کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.
هن ڪيس حيدرآباد ۾ هڪ ڳڻتي جي لهر پکيڙي ڇڏي هئي، جنهن مان اهي سوال اٿيا ته ڇا جگري دوست به پنهنجي دوست جو قاتل ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهو انهي ڳالهه تي اعتبار ڪن يا نه ڪن پر اها هڪ حقيقيت آهي ته لالچ رشتن ناتن ۽ دوستي جي عظيم تعلقاتن کي به بخش نه ٿي ڪري، ڪيس جي حقيقتن مان جيڪي ڳالهيون سامهون آيون، انهن مان معلوم ٿيو ته جوابدار نعيم کي ان ڳالهه جي حوس هئي ته وٽس سٺو موبائيل هجي، ججها پئسا هجن، ته جيئن هو ٻين صاحب حيثيت ماڻهن جهڙو نظر اچي، لالچ ۾ ئي هن پنهنجي دوست کي گهر گهرايو، کيس ڏنڊا ۽ لوهي سيخون هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ هن ڊرامو رچايو ته محمد احسان پنهنجي هڪ گرل فرينڊ سان ملڻ لاءِ لاهور ويل آهي، جنهن کي پيسن جي سخت ضرورت آهي، هن انهي بهاني سان مقتول جي وارثن کان ٽي لک روپيا پڻ ورتا.
ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد مان ٻه لاش مليا، هڪڙو لاش ته ناري صبا شاه جو هو، جنهن کي پنهنجي پريمي بيدردي سان قتل ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئس واري علائقي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، هن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار پوليس آڏو اهو اعتراف ڪيو ته ناري صبا کيس بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو ته هن کيس قتل ڪري معاملي کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيٺ هو پوليس هٿان جهجلي پيو، ساڳي ٿاڻي جي حد مان 60 ورهين جي پيرسن بندو عرف سوکا جو ٻوري ۾ بند لاش هٿ آيو، جيڪو معاملو اڃا تائين معمو بڻيل آهي، پوليس هن ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي ڀاءِ ۽ ڀيڻ کي گرفتار ته ڪيو آهي، پر سندن گرفتاري کي لڪائي رهي آهي، هي پيرسن پنندو هو، پوليس موجب پيسن جي معاملي تان سندس جهيڙو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو ، اهڙي ئي هڪ پينو فقير جو لاش جي او آرٿاڻي جي حد مان پڻ مليو، قتل ٿيل نوجوان پرڪاش هو،سندس پويان ٻانهون ٻڌل لاش جي ٽي سي گرائونڊ جي ٻوڙن مان هٿ آيو هو، هن ڪيس جا جوابدار اڃا تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن، پوليس جي ڪارڪردگي هن حوالي سان سواليه بڻيل آهي جو هو پنجن مان صرف ٻن لاشن جي معاملي کي حل ڪري سگهي آهي،
حيدرآباد جون سرد هوائون جتي پنجن ڏينهن جي اياز ۽ ٻن ڏينهن جي جامني ميلي جي ڪري خوش ۽ سرهيون آهن، اتي ئي هن شهر جون فضائون جيم خاني جي صدر ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽ جاويد جوڻيجي جي وفات سبب سوڳوار ۽ ملول به آهن، جاويد جوڻيجو هڪ صوفي منش ماڻهو هو، هو يارن جو يار هو، ايليٽ ڪلاس جي ڪلب جيم خانه جي سياست تي هن جي گذريل 24 سالن کان ڇاپ هئي، هو انهن 24 سالن ۾ جيم خانه جي مکيه وڏن صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدن تي چونڊبو رهيو ۽ ڪڏهن به روايتي حريفن کان شڪست نه کاڌي، جيم خاني جي سياست مستقبل ۾ هلندي رهندي پر شايد اهڙي گهماگهمي هاڻي نظر نه اچي، جهڙي جاويد جوڻيجي جي موجودگي ۾ چونڊ سرگرمين دوران نظر ايندي هئي، جيم خانه جون چونڊون ٿينديون هيون ته لڳندو هو ته ڄڻ هي چونڊون ڪنهن ڪلب جون نه پر ملڪ جي ڪنهن وڏي ايوان ۾ ٿيندڙ ڪنهن وڏي عهدي جون چونڊون هجن.