
پنوعاقل (رپورٽر ) ڪارنهن معاملي جي مبينا جرڳي دوران وڏيري طرفان نينگر کي نينگري سان ڪارو قرار ڏئي هڪ ٻي نينگري جو پنهنجي ڀائيٽي سان زبردستي نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر ڌر انصاف جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي ئي حق ۾ ڪيو آهي.
ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن معاملي جو جرڳو وڏيري ڪريم بخش واگهو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن دوران پورهيت جي 8 سالن جي پٽ جواد تي وڏيري جِي 6 سالن جِي ڀائيٽِي سان ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو.
جرڳي دوران الزام ثابت ٿيڻ تي نينگر واري ڌر تي سڱ چٽي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪندي سندن 7 سالن جي نينگري شمائله جو وڏيري جي 14 سالن جي ڀائيٽَي انيس واگهو سان زبردستي نڪاح ڪرايو ويو.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي متاثر ڌر چيو ته نينگر تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي جرڳو ڪيو ويو ۽ وڏيري سڱ چٽي جو فيصلو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هنن چيو ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي حق ۾ ڪيو آهي.