fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شاھپور جھانيان ۾ ٻن ھفتن کان عورت گم، وارثن طرفان اغوا جو شڪ ظاھر

شاهپورجهانيان (ن پ ا) شاهپور جهانيان کان 6 ڪلوميٽر پري مقيم شاھ مان 15 ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار گم ٿي وئي.وارثن پاران پنجاب مان آيل مائٽن تي اغوا جو الزام جڏھن تھ علائقي ۾ ناري جو مرضي سان نڪري وڃڻ جو چئوٻول آھي.ناري جي والد بشير شاھ ۽ ٻين گهرڀاتين موجب سندن 18 ساله ڌي مائرا شاھ جي 15 ڏينهن اڳ پنهنجي نوابشاھ واسي مائٽ ساجد شاھ سان شادي ٿي هئي.هنن ٻڌايو ته اسانجي نياڻي شادي بعد پهريون ڀيرو ملڻ آئي ته پنجاب جي شهر دنياپور مان آيل مائٽ عمران شاھ ۽ زاهد شاھ 2 پاڙيسري ڀائرن ناصر علي ۽ نادر علي جي مدد سان اسان جي نياڻي کي  اغوا ڪري ويا آھن.سندس بازيابي ۾ وس وارا مدد ڪرائين.جڏهن ته علائقي ۾ چوئوٻول آھي ته ناري پنهنجي مرضي سان مائٽ سان نڪري وئي آھي.رابطو ڪرڻ تي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناء الله پنهور ٻڌايو ته ناري جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا جي ايندا ته سندن مرضي موجب قانوني ڪري ڪنداسين۔

Bookmark the permalink.