fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ٿر- بک، بيماري ۽ معصوم ٻارن جو وسيع قبرستان!

ممتاز نهڙيو مٺي مان لکي ٿو

فطرت جي حسين منظرن ۽ مورن جي انڊلٺي رنگن جهڙو عاليشان ٿر ؛ پنهنجي وجود ۾ تاريخ جا ڪيترائي راز سانڍي ويٺل آھي. ڏڪاري حالتن سبب اٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ هي ٿر برساتن پڄاڻان ڪنهن ڪنوار جي سينگار جهڙن منظرن جي عڪاسي لڳندو آھي. تڏھن فطرت ڪر موڙي جاڳي پوندي آھي. انهي ٿر جاڪيترائي ڌار ڌار پر هڪٻئي جي ابتڙ تعارف آھن. روايتي طور تي ٿر محبت ۽ مهمانوازي جو ديس ۽ امن شانتي ۽ انصاف پسندي جو امين رهيو آهي. جتي اربين ٽن ڪوئلي کان وٺي چائنا ڪلي، گرينائيٽ، لوڻ جي کاڻين سميت معدني وسيلن جا ڪيترائي خزانا ملڻ ڪري دنيا جي نظرن ۾ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار ترين ضلعو آھي. جنهن لاءُ اقتداري ڌريون اهو چئي رهيون آھن ته ٿر بدلي گا پاڪستان!
تنهن ڪري هڪڙي پاسي ٿر ۾ معدني وسيلن تي لڳندڙ منصوبن کان پوءِ وارو ٿر ترقي جي رنگارنگي خوابن سان سجايل آهي ۽ ضلعي جي 21 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي جي 9 هزار هڪ سئو اسڪوائر ڪلوميٽر زمين هيٺيان ڪوئلي جا 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود هجڻ واري تصديق ٿيل آهي. ان ڪوئلي کي انتظامي طور ڪل 13 بلاڪن ۾ ورهائي ٽن بلاڪن ۾ ڪم شروع ڪيو ويو آھي. جڏهن ته ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ سنڌ سرڪار ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ جي پاران گڏيل طور ايندڙ سال جي جون مهيني تائين 660 ميگاوارٽ جا 2 بجلي گهر اڏڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري ٿر جو ڪوئلو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو خوبصورت خواب بڻيل آهي ته وري ساڳي ڪوئلي واري زمين مٿان ويٺل ٿر جا حقيقي وارث ٿر ڪول منصوبن ۾ روزگار کان وٺي زمينن جي معاوضن . حقن . وسيلن سميت سمورين بنيادي سهوليتن کان محروم بڻيل آهي. تنهنڪري ٿر جي ڪوئلي سميت سمورن معدني وسيلن تي لڳندڙ منصوبن مان ٿيندڙ ملڪي ترقي عام ٿري آڏو هڪ وڏو سوال بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته صدين کان آباد ٿيندڙ سندن زمينون. ڳوٺ، قبرستان، مسجدون ۽ مندر وغيره وغيره ڪوئلي جي مٿان هجڻ ڪري کين خالي ڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پر انهي جي عيوض کين متبادل معاوضا ۽ اڏاوتون ڪري آباد ڪرڻ جو سنڌ سرڪار توڙي ان جي ڀائيوار ڪمپني وٽ ڪو به عملي طور پلان ڪونهي. اهو سبب آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان ٿيندڙ ملڪي ترقي مقامي آبادي لاءِ تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻيل آهي، اِنهي سڄي ماجرا ۾ ٿر جون سياسي ۽ سماجي ڌريون توڙي اقتدار ۾ ويٺل چونڊيل نمائنده خاموش تماشائي بڻيل نظر اچن ٿا.
ٻئي پاسي ملڪي ترقي جي ضمانت بڻيل اهو ساڳيو امير ترين ٿر تاريخ جي بدترين ڏڪاري حالتن سبب بکن وڳي مرندڙ معصوم ٻارڙن جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي جو هر سج ڪنهن نه ڪنهن گُل جهڙي ٻالڪ جي موت جي اطلاع سان آجيان ڪري ٿو. جتي انتظامي بي حسي سبب موت جو ننگو ناچ رقص ڪندي نظر اچي ٿو. حڪومتي دعوائن باوجود علاج ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون بنيادي سهوليتون رڳو مٺي سميت چند شهرن تائين محدود آهن.جڏهن ته ضلعي ۾ قائم 26 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ انهن سمورين سهوليتن کان محروم آهن تنهن ڪري اڃان تائين موت جي راڪاس کي لغام اچي ناهي سگهيو. ڇاڪاڻ ته هلندڙ سال 5 ۽ 6 سالن کان گهٽ عمر وارن فوت ٿيل ٻارڙن مان 99 سيڪڙو ٻار رڳو ٻهراڙي جي ڏورانهن ڳوٺن سان تعلق رکندڙ آهن انهن تائين سهوليتون نه پهچڻ ڪري انساني المئي تي قابو پائڻ مشڪل بڻيل آهي. انهي سموري صورتحال ۾ چونڊيل نمائندا لاتعلق ۽ خاموشي جي ننڊ ستل آهن. جن اسيمبلي ۾ ٿر جي هن معاملي تي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي زحمت ناهي ڪئي. جنهن جي ڪري 16 لک انساني آبادي کان وٺي 74 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال بکون کاٽڻ تي مجبور آهي.
ٿر جي 30 سيڪڙو آبادي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هلي ويئي آهي، پر ٿر سان لڳندڙ بئراجي ضلعن ۾ پڻ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ٿري ماروئڙا دربدر آهن. جتي کين روزگار ۽ چوپائي مال جو گهربل چارو ملڻ مشڪل بڻيل آھي. جڏھن ته سرڪاري طور تي حڪومت هيستائين دعوائن کانسواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. جنهن ڪري معدني وسيلن سان مالا مال ڌرتي جا ڌڻي دربدر آھن. پر ڪير به سندن آواز بنجڻ وارو ناهي.
ٿر سياسي ۽ سماجي طورتي منفرد سڃاڻپ رکندڙ علائقو رهيو آهي جنهن جي سياست تي ملڪ ٺهڻ کان وٺي کيتلاري جو ارباب خاندان قابض رهيو. ، توڻي جو ارباب خاندان سان سياسي ميدان ۾ هميشه پيپلزپارٽي مقابلي ۾ رهي آهي ۽ باقي سموريون سياسي ڌريون ارباب خاندان جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي غيرمشروط حمايت ڪنديون رهيون آهن ان ڪري ٿر ۾ ارباب گروپ ۽ ارباب مخالفن جو ووٽ بئنڪ هجڻ وارو تاثر عام رهيو آهي. ٿر جي سياست کي مٺ ۾ بند ڪري ويٺل اربابن کان اهوسڀ ڪجهه ان وقت کسجڻ شروع ٿيو جڏهن هڪڙي پاسي جنرل مشرف هندو برادري کي گڏيل ووٽ جو حق ڏنو. جنهن بعد ٿر ۾ آبادي جو اڌ حصو هندو برادري ووٽ جي حق ۾ آزاد بڻجي ويئي پر گڏيل ووٽ جي نظام تحت هنڌو ووٽرن جو 80 سيڪڙو لاڙو پيپلزپارٽي طرف هليو ويو ۽ سياسي طاقت جو توازن برابر ٿي ويو، اهڙي تبديلي بعد هندو برادري جي سياست ڪندڙ جهوني سياستدان راڻا چندر سنگهه جي پٽ راڻا ڪنور همير سنگهه ارباب خاندان سان جڙيل سياسي لاڳاپا گذريل 2013 واري عام چونڊن ۾ ڌار ڪري ڇڏيا ۽ پيپلزپارٽي جو حصو بڻجي ويو انڪري انهي عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽي 6 تڪن مان پنج تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪري اربابن جو سياسي ڪوٽ ڪرائي ڇڏيو ۽ سڄي ٿر تي حڪمراني ڪندڙ ارباب گروپ سندن صرف گهر واري صوبائي تڪ ڏيپلو تائين محدود رهجي ويو. اربابن جي تاريخي شڪست پويان ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن جنهن ۾ اڪثريت برادرين کي سياسي حصو نه ڏيڻ ۽ رڳو پنهنجي گهر جي اميدوارن کي اڪثر تڪن تي بيهاري ڇڏڻ ۽ ٻيا عنصر شامل هئا، جڏهن ته ارباب هٿن مان نڪري ويل سياسي طاقت کي واپس موٽائڻ لاءِ سال 2018ع جي چونڊن ۾ زور ۽ شور سان تياري ۾ هئا ته پيپلزپارٽي جي قيادت سندن خاندان جي سڀ کان وڌيڪ سرگرم نوجوان ۽ ٿر جي بي تاج بادشاهه سڏجندڙ ارباب اميرحسن (مرحوم) جي پٽ ارباب لطف الله کي پنهنجي ڪئمپ جو حصو بڻائي ڇڏيو ان سان گڏ ارباب گروپ سان لاڳاپيل اهم اڳواڻن اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، رئيس سردار خان کوسو ۽ ٻين کي پڻ پيپلزپارٽي پنهنجي ڪئمپ ۾ آڻي شامل ڪيو اهو سياسي ڌچڪو ارباب گروپ جي لاءُ وڏي سياسي صدمي کان گهٽ نه هو. نه رڳو پيپلزپارٽي ارباب لطف الله کي شامل ڪرائي ارباب گروپ کي سياسي ميدان مان آئوٽ ڪرڻ جي راند ڪئي پر چونڊن ۾ انهي ساڳي تڪ ڏيپلو تي سندس چاچي ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي سامهون ارباب لطف الله کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيئي سندس هٿان اليڪشن ۾ هارايو، اهو ڏيپلو وارو صوبائي تڪ پ پ پ حاصل ڪري ورتو جيڪو تڪ ارباب گروپ کان کٽڻ جو ڪڏھن پيپلزپارٽي کي تصور به نه هو .
اهڙي طرح گذريل عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي جون وري به پنج سيٽون کٽي اربابن کي پارلياماني ميدان مان آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ارباب گروپ ڏيپلو وارو صوبائي تڪ هارائڻ کانپوءُ وري به ڇاڇرو جي صوبائي تڪ تي عبدالرزاق راهمون جي ڪاميابي جي شڪل هڪ سيٽ اربابن پنهنجي پاسي ڪري ورتي. ٻئي طرف ارباب لطف الله کان وٺي ڇاڇرو مان ٻه ڀيرا ايم اين اي ٿيل ۽ هاڻوڪو ضلعي چيئرمن ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، راڻا هميرسنگهه ۽ ننگرپارڪر جو ٽائون چيئرمن سردار خان کوسو سميت ٻيا ڪيترائي برادرين جا چڱامڙس پڻ اربابن سان وفاداريون تبديل ڪري پيپلزپارٽي جي جهنڊي هيٺ ويٺل آهن، انهن جي کسڪي وڃڻ اربابن جي ناڪامي جو سبب بڻيو، اهڙي طرح ارباب خاندان جيڪو ماضي ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جو محتاج نه هجڻ جي هام هڻي کٽي اچڻ بعد اقتداري ڌرين سان شامل ٿيندو. اهو اڃان تائين ڪنهن به ملڪي سياسي پارٽي جو حصو ٿي نه سگهيو آهي ۽ پاڪستان پيپلز مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سياسي جياپي جي جنگ ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

Bookmark the permalink.