fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

حيدرآباد جي واڌو واهه جي اجڙيل حالت!

واڌو واهه قاسم آباد ۾ زرعي زمينن جي آبادي واسطي وهندڙ پاڻيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ واهه جو نالو آهي، پر جڏهن کان شهر آباد ٿيو ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي هن واهه کي گٽر نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصو اڳ سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير مسلم هاني حيدرآباد پهچي واڌو واهه جو جائزو ورتو هو ۽ هن اتي موجود عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي واڌاو واهه جي صفائي جو حڪم جاري ڪيو هو پر ان تي اڄ تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي نااهليءَ سبب واڌو واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، واڌو واهه کي سيفٽي وال نه هئڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون اڪثر واهه ۾ ڪِرڻ معمول بڻيل آهي، برساتن جي منُد دوران واڌو واهه جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري سوين گهر ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. 6 ميل ڊگهي واهه جو پاڻي حيدرآباد ۾ رهندڙ انساني آباديءَ ۽ جانورن جي پيئڻ توڙي ضروري استعمال سميت زراعت لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو هو، پر اڄ ساڳيو ئي واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي گندي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. واڌو واهه جي رڳو آبادي واري علائقي نه پر شروع کان پُڇڙي تائين مڪمل صفائي، لوهي گِرلن جي حفاظت، پِچنگ ۽ واڌو واهه تي قائم پُلين کي به خوبصورت بڻائڻ جو ڪم انتظاميا کي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نصير چنا/ حيدرآباد

Bookmark the permalink.