
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٻارڙن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو 37 سيڪڙو ٻارن کي مائرون پنهنجي ٿڃ پيارين ٿيون، جڏهن ته ٻين ٻارن کي وقت کان اڳ ئي هٿرادو کير ۽ ٻين کاڌن تي هيرايو وڃي ٿو. اهڙو انڪشاف پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي سهڪار سان ٿيل ورڪشاپ ۾ ٿيو. ورڪشاپ ۾ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻين کانسواءِ اسٽاف نرسن ۽ ايل ايڇ ويز به شرڪت ڪئي. ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سلميٰ شيخ، پروفيسر جلال اڪبر، ڊاڪٽر غلام رسول ٻرڙو، ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي، ڊاڪٽر ساجده يوسفاڻي، پروفيسر روشن آرا ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊاڪٽرن چيو ته ماءُ جو کير زندگي آهي پر گهٽ مائرون ان جي اهميت کان واقف آهن. هنن چيو ته ٻارن جي ڄم جي پهرين ڪلاڪ کان 6 مهينن تائين ٻارن کي رڳو ماءُ جي ٿڃ پيارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماءُ جي کير ۾ اهي سڀ وٽامنز موجود هجن ٿا، جن سان ٻار صحتمند رهي سگهي ٿو. هنن چيو ته جيڪي ٻار ماءُ جي ٿڃ کان محروم رهن ٿا، تن ۾ موت جي شرح وڌيڪ هئڻ سان گڏ ڊائريا، نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي حملي جو به ڊپ رهي ٿو. ڊاڪٽرن چيو ته جيڪي ٻار پنهنجي گهربل عمر تائين ماءُ جي ٿڃ نٿا پيئن، تن ۾ موت جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ماهرن زور ڀريو ته مائرون ٻارڙن کي 6 مهينن جي عمر تائين صرف پنهنجي ٿڃ پيارين، جڏن ته هلڪي خوراڪ سان گڏ به ٿڃ 2 سالن تائين پيارڻ گهرجي.