fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهڻ گهرجن: حمائمه ملڪ

اداڪاره ۽ ماڊل حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز ڊيسڪ) عالمي سطح تي مشهوري ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ نوجوان فلمساز پنهنجي ڪم کي بهتر ڪرڻ سان گڏ اهڙين ڪهاڻين تي ڪم ڪن، جيڪي شوقينن کي پسند اچن.
حمائمه ملڪ جو چوڻ هو ته پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ تبديلي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي هاڻي سولي ٿي رهي آهي، هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ وڏي بجيٽ واريون فلمون ٺاهيون پيون وڃن ته ٻي پاسي ٿوري بجيٽ ۾ به ڪيتريون فلمون ٺهن پيون.
هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ سٺي معيار واريون فلمون ٺاهڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي، منفرد موضوعن جي چونڊ سان فلمسازي جي عمل ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو هڪ سٺو سنئوڻ پڻ آهي.
حمائمه ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي سطح تي به ڪم ڪري چڪي آهيان، جتي فلمسازي جي شعبي ۾ چڱي بهتري ۽ ترقي اچي وئي آهي.

Bookmark the permalink.