fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڏيپلي ۾ رليف راشن نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

صحت ۽ روينيو کاتي جا آفيسر من پسندن کي نوازي رهيا آهن: آنٻو ڀيل ۽ ٻيا

اسان جا نالا ئي لسٽن ۾ شامل نٿا ڪيا وڃن، پنهنجا نوازي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ڏيپلو( رپورٽ: نريش موراڻي) تعلقه ڏيپلو شھر سميت ٻھراڙي جي علائقن ۾ ڳورھارين عورتن لاء سنڌ سرڪار پاران ڏنل رليف راشن بيگ نه ملڻ خلاف ڳوٺ سومڻھار جي آنٻو ڀيل ـ ماوو جي ڪولھي ـ گورڌن ولاسائي ـ سڀاش چندر ۽ ٻين پريس ڪلب ڏيپلو اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته صحت کاتو ۽ روينيو جا آفيسر ملي ڀڳت ڪري من پسند ماڻهن جا نالا لکي لسٽون ٺاھي سامان ڏئي رھيا آھن جڏهن ته ڏيپلو شھر سميت ٻھراڙي ۾ اھڙين عورتن جا نالا لکيا ويا آهن جنهن ۾ ڪافي عورتن ٻار بند جو آپريشن ڪرائي ڇڏيو آهي ڪافي عورتن جا 6 کان 8 سال جا ٻار آهن انھي کان علاوه لسٽن ۾ ڪارڊ نمبر به غلط لکيا ويا آهن جنهن جا نالا ملن ٿا ته ڪارڊ نمبر نٿا ملن اسان اسسٽنٽ مختيارڪار شنڪر لال ـ تعلقه ڏيپلو جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر فضل الرحمان سان ملي شڪايت ڪئي ليڪن انهن جواب ڏنو ته اسان کي خبر نه آهي جيڪي نالا آهن انهن کي سامان ملي پيو ـ اھڙي من پسند رليف راشن بيگ جي ورھاست ۾ من پسندن کي نوازڻ ۽ غريبن کي نظر انداز ڪري رليف نه ڏيڻ سراسر ظلم آهي اسان اعلي اختيارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سموري ٿر ۾ اسان کي نظر انداز ڪرڻ بدران اسان حقدارن کي حق ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.