
لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني سينئر ادڪاره ناهيد شبير شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي سان واسطو رکندڙ خوبصورت اداڪاره جو چوڻ آهي ته 2019 شادي جو سال ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد شوبز ڇڏي ڏينديس.
هڪ انٽرويو دوران ناهيد شبير چيو ته کاڌو رڌڻ سان عشق آهي، اداڪاره نه هجان ها ته کاڌن جو هوٽل کوليان ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي آڇون ٿيون، پر پهرين اوليت ٽي وي ڊرامه ئي آهن، ان لاءِ فلم ڏانهن وڃڻ جو ناهي سوچو.