fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نواز ۽ زرداري خلاف اهم فيصلو اچڻ وارو آهي! نعيم الحق

لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته  جي آءِ ٽي رپورٽ جون حقيقتون سڀني سامهون اچي ويون آهن، اسان کي پڪ آهي ته مون کي پڪ آهي ته ملڪي دولت لٽيندڙن کي سزا ضرور ملندي. لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اعجاز چوڌري جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الحق چيو ته ماضي جي حڪمرانن غريب عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، زرداري ۽ نواز شريف جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن تي وڌيڪ نه ڳالهائيندس پر ڪرپٽ حڪمرانن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ تائين نظام مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي قيادت ارب پتي آهي،  آصف زرداري ۽ نواز شريف بيدردي سان ملڪ مان ڦرلٽ ڪئي، سندن ملڪ ۾ موجود ملڪيت ضبط ٿيڻ گهرجي. نعيم الحق چيو ته نواز شريف جي ذهن ۾ آهي ته هر حال ۾ کيس يا وري سندس اولاد کي اقتدار ۾ رهڻ گهرجي، سندن ذهنن ۾ اقتدار سان چنبڙي رهڻ ئي سياست آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين سان سهڪار جي فضا پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ميان شهباز شريف جي مخالف ڌر اڳواڻ ٿيڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

Bookmark the permalink.