مظفر ڳڙهه (م ڊ) متحدا مجلس ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوڙي حڪومت ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر عوام ان ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو. مظفر ڳڙهه ۾ تحفظ ناموس رسالت ملين مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نئين حڪومت 10 سالن کان بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، معيشت سنڀالڻ ۽ غريبن کي گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر ٽن مهينن اندر ڊالر 145 رپين تائين پهچي ويو ۽ پني پني مُنهن جي ڦِري ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت اولهه جي دٻاءَ ۾ اچي آسيا بي بي کي آزاد ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو عالمي دٻاءَ ۾ ڪيو ويو، جنهن کي اسان نٿا مڃون، چيف جسٽس وڏا وڏا بار کنيا آهن، هو ڊيم به ٺاهي پيو ڏئي ۽ آبادي به ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ڇا چيف جسٽس ايترو عوامي بڻجڻ کانپوءِ به آسيا بي بي جي ڳوٺ وڃي ڪيس جي جاچ ڪئي؟ هن چيو ته نون نعرن ۽ نئين رنگ جي سياست سان مديني جهڙي رياست جي نالي تي قوم کي دوکو ڏنو پيو وڃي.