لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، قومي سلامتي ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته آمريڪا، ايران ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن جي بهتري ۾ قمر جاويد باجوه جي خاموش ڊپلوميسي شامل آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي تنهائي ختم ڪرڻ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته امن قائم ڪرڻ ۽ ٻڌي لاءِ آرمي چيف جون خدمتون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن. پرويز الاهي چيو ته عالمي سطح تي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جي دوري جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، جنرل قمر جاويد باجوه جي دورن سان گڏيل اعتماد جي فضا پيدا ٿي آهي. هن چيو ته ڪرتارپور جي افتتاح سان ڀارتي قيادت سفارتي محاذ تي بيڪ فوٽ تي نظر آئي.