حيدرآباد ( ن پ ا) عوامي جهموري پارٽي جا مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا آهن، وشنو مل پارٽي جو صدر چونڊجي ويو آهي.حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، ڪنوينشن دوران وشنو مل کي صدر پارٽي جو صدر چونڊيو ويو.سيد لعل شاه ۽ لال محمد چانڊيو کي نائب صدر، خادم حسين ٽالپر کي جنرل سيڪريٽري، نظير بانو لاشاري کي جوائنٽ سيڪريٽري، ڪليم ملڪ کي خزانچي چونڊيو ويو، ظهور احمد کوسو رابطه سيڪريٽري ۽ نظير قريشي کي آفيس سيڪريٽري طور چونڊيو ويو آهي.ڪنوينشن ۾ نورنبي راهوجو کي تعليمي سيڪريٽري، منظور احمد کوسو کي ليگل ايڊ اينڊ هيومن رائٽس سيڪريٽري ۽ ارشاد سومرو کي ثقافتي سيڪريٽري طور چونڊيو ويو، عوامي جمهوري پارٽي جا سمورا نوان عهديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا.