fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

“جيڪو ڏاڍو سو گابو” دادو ۾ حددخلين خلاف آپريشن ۾ رڳو غريبن جا گهر ڍير

دادو ڪئنال تي اڏاوتون نه هٽايون ويون، ميونسپل جي دڪانن مٿان ٺهيل عمارتون ۽ قبرستان تي قبضا به برقرار

غيرقانوني ڪارخانا، هوٽلون ۽ دڪان به نه هٽايا ويا، تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهيون ويون

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) سنڌ جي شهرن جيان دادو شهر ۾ به سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت انتظاميا طرفان حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ جو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهي. شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ بعد انتظاميا بااثر ڌُرين کي قبضا ڇڏڻ جا نوٽيس ته جاري ڪيا ويا، پر بااثر ڌُرين جا قبضا هٽائڻ لاءِ عملي طور آپريشن ڪرڻ جي حوالي سان انتظاميا اڃا تائين ٻُڌتر جو شڪار آهي. ضلعي انتظاميا طرفان دادو ڪئنال جي بندن تي قبصو ڪندڙ ارشد ميمڻ، احمد خان پنهور، نور حسين ٻگهيو، عبدالله جمالي، بادل مستوئي، دولت جمالي، حامد سيال، عامر شاھ ۽ عنايت الله پنهور سوڌو ٻين کي پاڻمرادو قبضا ڇڏڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيس جو وقت پورو ٿي ويو. نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته غيرقانوني طور اڏايل ڪارخانا، برف ڪارخانا، هوٽلون، دڪان ۽ گهر خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو هو، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ دادو شهر جي شاهي بازار جي مُنڍ ۾ ميونسپل ڪميٽي جي پراڻي سبزي منڊي جي دڪانن مٿان پوليس انسپيڪٽر سميت بااثرن گهر ٺهرائي ورتا آهن، ملاح چوڪ ۽ ڪاليج روڊ جي ڪنارن توڙي گٽرن مٿان دُڪان اڏايا ويا آهن، اهڙي ريت سرڪٽ هائوس سامهون آبپاشي کاتي جي سرڪاري واٽر ڪورسن ۽ زمين تي بااثر شخصيتن پاران شاپنگ دڪان ۽ گهر تعمير ڪرايا ويا آهن. ساڳئي ئي وقت تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون ميسارجي ويون آهن. ان کانسواءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي قيمتي پلاٽن تي به قبضا ڪيا ويا آهن. ڊي سي دادو، ميونسپل چيئرمين کي درخواستون ڏيڻ باوجود بند ڪيل گهٽيون نه کلي سگهيون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي دادو جي چيئرمين ٻڌايو ته سبزي منڊي جي دڪانن تي اڏاوتون غير قانوني آهن. آئون ۽ اسٽنٽ ڪمشنر نذير سومرو دڪانن تي گهر توڙي شاپنگ سينٽر ٺهرائيندڙن ڏانهن وياسين، اهي اڏاوتون ضرور ڊاٺيون وينديون.

Bookmark the permalink.